Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ! ڇا اسان جي هر عمل جو بدلو ڏنو ويندو؟ فرمايائون: اي ابوبڪر! الله پاڪ تنهنجي بخشش فرمائي، يعني ڇا ماڻهو بيمار ناهن ٿيندا؟ ڇا انهن کي رنج ناهي پهچندو؟ ڇا اهي غمگين ناهن ٿيندا؟ ڇا پريشانيون ناهن اينديون؟ عرض ڪيائون: ڇو نه...؟ هي سڀ ڪجهه ئي ٿئي ٿو. فرمايائون: پوءِ هي اعمالن جو بدلو ئي ته آهي. ([1])

پنهنجي ئي هٿن جا آهن ڪرتوت

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور جو مقام آهي، اسان وٽ ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن چئي رهيا هوندا آهن: الله پاڪ مون کي تنگدست ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي قسمت ۾ ته بس پريشانيون ئي پريشانيون لکيل آهن. زندگي ته بس مصيبتن ۾ ئي گذري رهي آهي. منهنجي ته خدا به نٿو ٻڌي.

لَاحَوْلَ وَلَاقُوَّۃَ اِلَّا بِاللہِ!                              هي نهايت سخت جملا آهن، ماڻهو ڳالهائڻ وارا ڳالهائي رهيا هوندا آهن پر ياد رکو! اهڙا جملا ڪڏهن ڪڏهن ڪفريه به ٿي ويندا آهن، ٻانهو ڳالهائيندو آهي ته دائره اسلام مان نڪري ويندو آهي. ان لاءِ اسان کي احتياط ڪرڻ گهرجي. اهڙا جملا هرگز زبان تي ته ڇا، دل ۾ به نه آڻڻ گهرجن! جيڪڏهن اسان تي پريشانيون اچي رهيون آهن، هٿ تنگ ٿي ويو آهي، رزق ۾ گهٽتائي آهي، ڪم نٿو هلي، بيماري، مصيبت، پريشاني وغيره آئي آهي ته ان ۾ قسمت جو ڪهڙو قصور...!! پنهنجي اعمالن جو جائزو وٺو. ٭      جيڪڏهن ڪم ٺيڪ نٿو هلي ته سوچو! ڇا فجر پڙهندا آهيو؟ صبح اٿڻ کان پهرين ئي نماز قضا ڪرڻ جو گناهه مٿي تي کڻي ورتو ته ٻڌايو! ڏينهن سٺو ڪيئن گذرندو؟  ٭    ڪوڙ اسان ڳالهائيندا آهيون. ٭ دوکو، فريب اسان وٽ عام آهي. ٭      گاريون ته ماڻهن جي زبان جي چوٽيءَ تي رکيل هونديون آهن، ڪي ته معاذ الله! سلام جي جاءِ تي به گاريون ڪڍندا آهن. ٭  غيبتون چغليون ته بس الله پاڪ جي پناهه! ائين لڳندو آهي ته معاشري جو هر ٻيو، ٽيون فرد غيبت ۽ چغلي جي مشين آهي، روزانو ڪثرت حساب سان غيبتون ٿي رهيون هونديون آهن، ٻيا به ڪيترائي گناهه آهن جيڪي ڏينهن رات ٿي رهيا هوندا آهن، جڏهن حالت اهڙي آهي ته


 

 



[1]...مسند امام احمد، مسند العشرۃ المبشرین بالجنۃ، جلد:1، صفحہ:75، حدیث:69۔