Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat
گناهه کي پنهنجي جان تي ظلم چيو ويو آهي. مثال طور چوڻو هجي ته فلاڻي قوم ڏاڍي گنهگار هئي. ان جي بدران قرآن ڪريم ۾ چيو ويندو آهي: فلاڻي قوم پنهنجي جانين تي ظلم ڪندڙ هئي.
اِنَّ اللّٰهَ لَا یَظْلِمُ النَّاسَ شَیْــٴًـا وَّ لٰكِنَّ النَّاسَ اَنْفُسَهُمْ یَظْلِمُوْنَ(۴۴) (پارہ:11، سورۂ یونس:44)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ الله ماڻهن تي ڪو ظلم ناهي ڪندو، ها انسان ئي پنهنجي جانين تي ظلم ڪندا آهن.
يعني الله پاڪ ڪنهن به شخص کي بيقصور سزا ناهي ڏيندو، اهو ته انتهائي مهربان، نهايت رحم فرمائڻ وارو آهي. اهو هميشه پنهنجي ٻانهن تي عطائون ئي فرمائيندو آهي. ها! هي ٻانها آهن جيڪي گناهه ڪري، الله ۽ رسول جي نافرمانيون ڪري پاڻ ئي پنهنجي جانين تي ظلم ڪري وٺندا آهن.
ان ۾ هي اشارو آهي ته جيڪي ٻانهن تي آفتون بلائون اچن ٿيون،٭ برساتون رڪجي وڃن ٿيون، ٭ زلزلا اچن ٿا، ٭ شهر جا شهر تباهه ٿي وڃن ٿا، ٭ طوفان اچن ٿا، ٭ فصل تباهه ڪري ڇڏين ٿا، ٭ بيماريون گهيري رکن ٿيون، ٭ زندگي پريشانين جي نذر ٿي وڃي ٿي، هي ٻانهن جي پنهنجي ڪرتوتن جو بدلو آهي. الله پاڪ ڪنهن کي بيقصور سزا ناهي ڏيندو، ٻانها پاڻ گناهه ڪندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ انهن کي ئي دنيا ۽ آخرت ۾ مصيبتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
الله پاڪ فرمائي ٿو:
مَنْ یَّعْمَلْ سُوْٓءًا یُّجْزَ بِهٖۙ (پارہ:5، ا لنساء:123)
ترجمو ڪنز العرفان: جيڪو به برائي ڪندو ان کي ان جو بدلو ڏنو ويندو.
يعني جيڪو برائي ڪندو، اهو ان جو بدلو لهندو چاهي دنيا ۾ لهي، چاهي آخرت ۾. ([1]) هڪ ڀيري مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ بارگاهِ رسالت ۾ انهيءَ آيت بابت سوال ڪيو، پڇيائون: يا رسول الله