Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا! مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـہُ الْکَریم! چئي ڪري ان جو اظهار ڪيو: ٭   عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس ٭ اَدَب سان ويهندس ٭     بيان جا اهم نڪتا لکندس ٭  جيڪو ٻُڌندس، گهر وارن کي، ٻارن کي، دوستن احبابن کي ٻڌائي ڪري علمِ دين جو ثواب ڪمائيندس.

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

چئن يارن جو نرالو شان

رسول الله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي صحابي حضرت عبدالله بن عباس  رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ   کان روايت آهي ته، غيب ڄاڻڻ واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو، ٭هڪ اعلان ڪرڻ وارو اعلان ڪندو: اَیْنَ اَبُوبَکْر؟ ابوبڪر ڪٿي آهي؟ پوءِ پهريان خليفه حضرت ابوبڪر صديق  رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ   تشريف کڻي ايندا. کين جنت جي دروازي تي بيهاريو ويندو: حڪم ٿيندو: جنهن کي چاهيو جنت ۾ وڃڻ ڏيو! جنهن کي چاهيو روڪيندا وڃو...!!

٭وري ٻيهر اعلان ٿيندو: عمر ڪٿي آهن؟ ٻيان خليفه حضرت عمر فاروق اعظم  رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ   تشريف کڻي ايندا. کين ميزانِ عمل وٽ بيهاريو ويندو، حڪم ٿيندو: جنهن پُڙ کي چاهيو وزني ڪري ڇڏيو! جنهن جو چاهيو هلڪو ڪندا وڃو!

٭        ٽيون اعلان ٿيندو: عثمان غني ڪٿي آهن؟ پوءِ ٽيان خليفه حضرت عثمان غني  رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ   تشريف کڻي ايندا. کين هڪ لٺ  ڏني ويندي ۽ حوضِ ڪوثر جي ويجهو بيهاريو ويندو. حڪم ٿيندو: جنهن کي اوهان چاهيو حوضِ ڪوثر مان پياريندا وڃو! جنهن کي چاهيو اڃارو ئي موٽائيندا وڃو!

٭      وري چوٿون اعلان ٿيندو: علي المرتضيٰ ڪٿي آهن؟ پوءِ چوٿان خليفه حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خدا  رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ                تشريف کڻي ايندا. کين نوراني لباس پارايو ويندو. الله پاڪ فرمائيندو: اي علي...! جڏهن مون زمين ۽ آسمان کي پيدا