Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه انهيءَ طرف اشارو ڪندي فرمائن ٿا:

نُور کی سرکار سے پایا دوشالہ نُور کا                ہو مُبَارک تُم کو ذُو النُّوْرَیْن جوڑا نُور کا([1])

وضاحت: اي ٻن نورن وارا پيارا عثمانِ غني! اوهان کي تمام گهڻي مبارڪ هجي جو اوهان کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي ٻن صاحبزادين سان نڪاح ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو.

مولاءِ ڪائنات، مولا علي  رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ   کان حضرت عثمان غني  رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ   جي باري ۾ سوال ڪيو ويو ته فرمايائون: عثمان اهو آهي جنهن کي ملائڪ ذوالنورين چوندا آهن، رسول الله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جا نياڻا آهن، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ کين جنت جي خوشخبري ڏني ([2])

نبی کے نور دو لے کر وہ ذُو النُّوْرَیْن کہلائے    انہیں حاصِل ہوئی یوں قربتِ محبوبِ رحمانی([3])

٭ اسلام جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم  رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ   جي شهادت کانپوءِ مسلمانن جي اڪثريت راءِ سان حضرت عثمانِ غني  رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ   خليفا مقرر ٿيا، 12 سالن تائين پاڻ خليفا رهيا، 40 ڏينهن جي سخت محاصري کانپوءِ، 18 ذوالحج 35 هجريءَ تي نهايت مظلوميت سان شهيد ڪيا ويا. ([4])

راہئ خُلد بَریں حضرت عثمان غنی                 خادمِ دینِ متیں حضرت عثمان غنی

عُمر بھر خدمتِ اسلام میں مَصْرُوف رہے        کھاکے خود نانِ جَوِیں حضرت عثمان غنی

جان دے کر بھی نہ چھوڑا درِ سُلطانِ عرب      حکمِ سرور کے امیں حضرت عثمان غنی

سختیاں بہرِ خلافت بھلا کس نے دیکھیں          آپ نے جتنی سہیں حضرت عثمان غنی

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...حدائِقِ بخشش، صفحہ:246۔

[2]...معرفۃ الصحابہ، رقم:3، معرفۃ عثمان بن عفان، معرفۃ انہ کام ...الخ، جلد:1، صفحہ:83، حدیث:240۔

[3]...وسائل بخشش، صفحہ:584۔

[4]...نزہۃ القاری، جلد:1، صفحہ:544و 545خلاصۃً۔