Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat

ڪري درس ڏيڻ جي عادت بڻايو! ٭         اهڙيءَ طرح هر نماز جي وقت پاڻ به جماعت بيهڻ کان پهريان مسجد ۾ پهچي وڃو ۽ هڪ ٻن کي دعوت ڏئي، انهن کي به ساڻ آڻڻ جي ڪوشش فرمايو! ٭ قافلن ۾ سفر ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! ڏاڍا فائدا نصيب ٿيندا، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! قافلن جي برڪت سان ٭ وڌيڪ وقت مسجد ۾ گذارڻ نصيب ٿيندو آهي،٭  نمازون باجماعت پڙهڻ آسان ٿي ويندو آهي، ٭ نفل پڙهڻ جو موقعو ملندو آهي، ٭ علمِ دين سکڻ سيکارڻ نصيب ٿيندو آهي،    ٭ اخلاق سنورجندا آهن، ٭ ڪردار نکرجندو آهي، ٭ دل صاف ٿيندي آهي،     ٭ باطني بيماريون دور ٿينديون آهن، ٭ نيڪين جو جذبو ۽ گناهن کان نفرت به ملندي آهي ۽ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! قافلي جي برڪت سان نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ جي سٺي خاصي مشق به ٿي ويندي آهي. تنهن ڪري گهٽ ۾ گهٽ هر مهيني 3 ڏينهن جي قافلي ۾ سفر جو معمول بڻايو! عام طور تي فيضانِ مدينه مان هر جمعي تي قافلا سفر ڪندا آهن ، جدول بڻائي هر مهيني ئي قافلي ۾ وڃو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ  سارا ديني ۽ دنيوي فائدا نصيب ٿيندا. اچو اوهان جي ترغيب لاءِ هڪ مدني بهار عرض ڪيان.

باغ جو جهولو

حيدرآباد جي هڪ محلي ۾ علائقائي دوري جي دعوت کان متاثر ٿي هڪ ماڊرن نوجوان مسجد ۾ اچي ويو. بيان ۾ مدني قافلن ۾ سفر جي ترغيب ڏياري وئي ته هن مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ لاءِ نالو لکرايو. اڃا قافلي ۾ ان جي روانگي ۾ ڪجهه ڏينهن باقي هئا ته قضاءِ الاهي سان ان جو انتقال ٿي ويو. ڪنهن گهر واري مرحوم کي خواب ۾ هن حالت ۾ ڏٺو ته هو هڪ سائي باغ ۾ نهايت خوش آهي ۽ جهولو جهولي رهيو آهي. خواب ڏسندڙ پڇيو، هتي ڪيئن اچي ويا؟ ان نوجوان جواب ڏنو: دعوتِ اسلامي جي مدني قافلي سان گڏ آيو آهيان، الله پاڪ جو وڏو ڪرم ٿيو آهي، منهنجي ماءُ کي چئجانءِ ته هو منهنجو غم نه ڪري مان هتي ڏاڍو سڪون سان آهيان.