Book Name:Chaar Lazzat Bhari Ibaadaat
برائي کان منع ڪرڻو آهي، عام طور تي اسان جي ان طرف توجهه ناهي هوندي. گهر وارا نماز ناهن پڙهندا، اسان چونداسين ته مڃي ويندا، پوءِ به ناهيون چوندا. پٽ بالغ ٿي چڪو آهي، فجر ۾ ستل رهندو آهي، اٿارينداسين ته اٿڻ شروع ٿي ويندو پر اٿاريندا ئي ناهيون. ٭ گهر جون عورتون پردو ناهن ڪنديون، اسان چوندا ئي ناهيون. ٭ حجم جي دڪان تي ويٺا آهيون، پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيا آهيون، اتي گانا به هلي رهيا آهن، نه ان کي منع ڪندا آهيون، نه اٿي ويندا آهيون. ٭ بس ۾ گانا هلي رهيا آهن، اسان ڊرائيور کي سمجهائڻ جي همت ئي ناهيون ڪندا. ٭ ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي گاڏي بڪ ڪرائي هوندي آهي، ان صورت ۾ ته ڊرائيور اسان جو پابند ٿي ويو، اسان چونداسين ته مڃي ويندو، ان جي باوجود ان کي گانا وڄائڻ کان منع ناهيون ڪري رهيا هوندا. ۽ ڪيتريون اهڙيون صورتون آهن. ڏينهن ۾ شايد ڪيئي ڀيرا اسان کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ جو موقعو ملندو هوندو پر اسان ڪندا ئي ناهيون. ذهن ئي ناهي. سوچ ئي ناهي، ان طرف توجهه ئي ناهي هوندي.
هاڻي ڀلا ٻڌايو! ٭ جڏهن اسان نيڪي جي دعوت نه ڏينداسين ته مسجدون ڪيئن آباد ٿينديون؟ ٭ گهر امن جو گهوارو ڪيئن بڻبو؟ ٭ معاشري مان سود جو خاتمو ڪيئن ٿيندو؟ ٭ دوکو، ڪوڙ، غيبت، چغلي، وعده خلافي، ٭ ماپ تور ۾ گهٽتائي، ٭ بي حيائي، بي شرمي وغيره انهن سڀني گناهن کان معاشرو ڪيئن پاڪ ٿيندو؟
اڇا...!! ان ۾ اسان جو پنهنجو به نقصان آهي. ڪوڙ کان ته اسان منع ئي ناهيون ڪندا، دوکو ڏيڻ کان ته اسان روڪيندا ئي ناهيون، نتيجتاً هر ٻيو، ٽيون ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، دوکا ڏيندو آهي ۽ ان سڀ جو منهن پاڻ اسان کي به ڏسڻو پوندو آهي. جڏهن اسان ملاوٽ ۽ ٻه نمبري کان منع ئي ناهيون ڪري رهيا هوندا ته معاشري ۾ ملاوٽ عام ٿي رهي آهي. نتيجو ڇا آهي؟ اسان کي به خالص شيون ناهن ملنديون. نقصان ڪنهن جو ٿيو؟ منهنجو به، معاشري جو به ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جو به. سڀ جو نقصان آهي. اسان سڀ گڏجي، سڀ مسلمان