Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat
کان آخري نبي آهيو. جنهن اوهان کي سچو مڃيو اهو ڪامياب ٿي ويو ۽ جنهن اوهان کي ڪوڙو چيو اهو نامراد ٿي ويو. هي معجزو ڏسي ڪري اهو شخص ايترو ته متاثر ٿيو جو انهي وقت ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو.[1]
اے بلا! بےخردئ کفار، رکھتے ہیں ایسے کے حق میں انکار
کہ گواہی ہو اگر اُس کو درکار، بےزباں بول اُٹھا کرتے ہیں[2]
وضاحت: افسوس! مصيبت! الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي نه مڃڻ وارا ڪيتري قدر نادان ۽ بيوقوف آهن، حالانڪ اسان جي پياري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي سچي ۽ آخري نبي هجڻ جي گواهي ڏيڻ چاهين ته بي زبان جانور به گواهي ڏيڻ جي لاءِ ڳالهائڻ لڳندا آهن.
جڏهن خيبر فتح ٿيو ته رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڪاري رنگ جي وڏن ڪنن واري گڏھ کي ڏٺو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان سان ڳالهيون ڪيائون، هُو به جواب ڏيندو رهيو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو تنهنجو نالو ڇا آهي؟ عرض ڪيائين: يزيد جو پٽ شهاب، الله پاڪ منهنجي ڏاڏي جي نسل مان 60 گڏھ پيدا ڪيا، کُلُّہُمْ لَا یَرْکَبُہٗ اِلَّانَبِیّ انهن سڀني تي صرف ۽ صرف نبين ئي سواري ڪئي، وَ قَدْ کُنْتُ اَتَوَقَّعُ اَنْ تَرْکُبَنِیْ لَمْ یَبْقِ مِنْ نَسْلِ جَدِّی غَیْرِیْ وَ لَا مِنَ الْاَنْبِیَاءِ غَیْرُکَ يعني مون کي يقيني توقع هئي ته حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن مون کي پنهنجي سواري سان مشرف فرمائيندا ڇوته هاڻي منهنجي ڏاڏي جي نسل مون کان سواءِ باقي ناهي رهي ۽ انبياءِ ڪرام ۾ اوهان کان سواءِ ڪوبه نبي باقي نه آهي.