Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

حديث پاڪ اسان کي به ياد ڪرڻ گهرجي ۽ ٻارن کي به ياد ڪرائڻ گهرجي، ڪهڙي حديث شريف آهي: لَا نَبِیَّ بَعْدِی مون کان بعد ڪوبه نبي ناهي.[1]

خُود میرے  نبی  نے  بات  یہ  بتا دی:                                                                                                                               لَا نَبِیَّ بَعْدِی!

ہر  زمانہ  سُن  لے  یہ  نوائے  ہادِی:                                                                                                                                             لَا نَبِیَّ بَعْدِی!

عقيدھ ختم نبوت تي جانورن جون گواهيون

 اي عاشقانِ رسول! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عقيده ختم نبوت  واضح  ۽ صاف عقيدو آهي ته انسان ته انسان جانور به ان جي گواهي ڏيندا رهيا آهن. جيئن ته مسلمانن جا ٻيان خليفه حضرت عمرفاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: سرڪارِ عالي وقار مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي مجمعي ۾ تشريف فرما هئا، قبيله بنو سيلم جو هڪ شخص آيو، اهو ڳوھ جو شڪار ڪري کڻي آيو هيو، ان ڳوھ کي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سامهون رکي ڇڏيو ۽ چيو: مان ان وقت تائين ايمان قبول نه ڪندس جيستائين هي ڳوھ اوهان تي ايمان نه آڻي. جيئن ته پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ڳوھ کي سڏيو ته ان چيو: لَبَّیْکَ وَ سَعْدَیْکَ (يعني مان حاضر آهيان ۽ فرمانبرداري جي لاءِ تيار آهيان). ڳوھ هي ڳالھ ايتري بلند آواز ۾ چئي جو سڀني حاضرين ٻڌي ورتي. پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: تنهنجو معبود(يعني عبادت جي لائق) ڪير آهي؟ ڳوھ جواب ڏنو: منهنجو معبود اهو آهي جنهن جو عرش آسمان ۾ آهي، انهي جي بادشاهي زمين ۾ آهي، ان جي رحمت جنت ۾ آهي ۽ ان جو عذاب جهنم ۾ آهي.  وري پاڻ پڇيو: اي ڳوھ!  ٻڌاءِ مان ڪير آهيان؟ ڳوھ وڏي آواز ۾ چيو: اَنْتَ رَسُوْلُ رَبِّ الْعالمین وَ خَاتَمُ النَّبِیٖن يعني اوهان الله ربّ العالمين جا رسول ۽ سڀني


 

 



[1] مسلم،کتاب الامارۃ،باب وجوب الوفاء ببیعۃ الخلفاء الاول فالاول،صفحہ:739،حدیث:1842 ۔