Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمائي چڪا: لَا نَبِیَّ بَعْدِی يعني مون کان پوءِ ڪوبه نبي نه آهي.[1]

شہِ انبیا ہے، خُدا کا ہے پیارا                                                                                      وہ نبیوں میں سُن لو! نبی آخری ہے

محمد ہے احمد، ہے سلطانِ بطحا                                                                                   وہ نبیوں میں سُن لو! نبی آخری ہے

 سيّدي اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فرمان جو خلاصو آهي: جيڪڏهن ڪنهن نبوت جي ڪوڙي دعويدار کان انهي ڪري معجزو طلب ڪيو ته هي ڇوته ڪوڙو آهي، لهٰذا معجزو ڏيکاري نه سگهندو، جڏهن ڏيکاري نه سگهندو ته ذليل و رسوا ٿيندو، هن نيت سان معجزو ڏيکارڻ جو چوڻ ۾ ته ڪو حرج ناهي، البته جيڪڏهن تحقيق جي لاءِ معجزو طلب ڪيو ته ڏسون هي معجزو ڏيکاري به سگهي ٿو يا نه ته ان نيت سان ڪوڙي نبي کان معجزو طلب ڪرڻ وارو فوراً ڪافر ٿي ويندو.[2] الله پاڪ جي پناھ...!!

ایماں پہ رَبِّ  رحمت دے دے تُو استقامت         دیتا  ہوں واسطہ میں تجھ کو  ترے نبی  کا[3]

ڪنهن صحابي کي نبي مڃڻ ڪيئن...؟

 اي عاشقانِ رسول! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! سيّدي اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عقيده ختم نبوت جي متعلق گهڻو ڪجھ لکيو آهي، انهن مان بطور خاص 6 رسالا آهن جيڪي عقيده ختم نبوت جي بيان تي يا ختم نبوت جو انڪار ڪرڻ وارن جي ردّ ۾ لکيا ويا آهن، انهن مان هڪ رسالو آهي: جَزاءُ اللہ عَدُوَّہُ بِاٰبَائِہٖ خَتْمَ النُّبُوَّہ (يعني ختم نبوت جو انڪار ڪرڻ واري دشمن خدا تي الله پاڪ جي مار پوي.) سيّدي اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي خدمت ۾ سوال ٿيو: هڪ شخص جيڪو حضرت


 

 



[1] مسلم،کتاب الامارۃ،باب وجوب الوفاء ببیعۃ الخلفاء الاول فالاول،صفحہ:739،حدیث:1842 ۔

[2] ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت،صفحہ:134 بتغیر قلیل۔

[3]... وسائِلِ بخشش، صفحہ:178۔