Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

سجايو،  انهن جهڙو دنيا ۾ ڪو ٻيو ٿي نٿو سگهي، جهڙي طرح ٻيو خدا ناممڪن ۽ محال آهي، ائين ئي ٻيو مصطفيٰ هجڻ به ناممڪن ۽ محال آهي. [1]

رُخِ مصطفےٰ ہے وہ آئینہ کہ اب ایسا دُوسرا آئینہ

نہ کسی کی بزمِ خیال میں، نہ دُکانِ آئینہ دار میں

يعني محمد مصطفي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهي عظيم الشان، بي مثل ۽ بي مثال هستي آهن جو انهن جهڙو ٻيو نه ڪنهن جي تصور ۽ خيال ۾ آهي ۽ نه الله پاڪ ئي اهڙو ڪو بڻايو آهي، نه ئي ڪڏهن بڻائيندو.

سيّدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  لکن ٿا:

خدا جو قسم تنهنجي مثل ڪوبه نه آهي

   اي عاشقانِ آخري نبي!  هي ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو جواب هيو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان جو جيڪو دليل ڏنو، هاڻي اهو ٻڌو! لکن ٿا: اسان جا آقا و موليٰ، محمد مصطفيٰصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهي عظيم الشان، بي مثل ۽ بي مثال آهن، جن کي ربّ ڪائنات خَاتَمُ النَّبِیّٖن (يعني سڀني کان آخري نبي) بڻائي ڪري موڪليو آهي، هاڻي فرض ڪيو! جيڪڏهن ڪو ٻيو مُحَمّد پيدا ٿيڻ ممڪن  آهي ته اسان پڇون ٿا، اهو ٻيو جيڪو ايندو، ڇا اهو به (يعني سڀني کان آخري نبي) هوندو يا نه هوندو؟ جيڪڏهن چئو ٿا خَاتَمُ النَّبِیّٖن اهو نه هوندو، پوءِ ته مُحَمد مصطفي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نه ٿيو، جيڪڏهن چئو ٿا اهو خَاتَمُ النَّبِیّٖن به هوندو، پوءِ ته اسان جو آقا و موليٰ محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آخري نه رهيو، ڇوته آخري صرف هڪ ئي هوندو آهي، لهٰذا ثابت ٿيو ته ربّ ڪائنات صرف هڪ  ئي مُحمَّد


 

 



[1] .فتاویٰ رضویہ،جلد:18،صفحہ:27- 28 خلاصۃً (مکتبہ غوثیہ کراچی)۔