Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

عقيده ختم جا دليل

لوح محفوظ ۽ عقيده ختم نبوت

حديث شريف جي مشهور ڪتاب مسلم شريف ۾ آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله پاڪ زمين ۽ آسمان جي پيدائش کان 50 هزار سال پهريان مخلوق جي تقدير لکي، ان وقت لوح محفوظ تي جيڪو ڪجھ لکيو ويو، ان ۾ هي به هيو؛ اَنَّ مُحَمَّدًا خَاتَمُ النَّبِیٖن  بيشڪ محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  سڀني کان آخري نبي آهن.[1]

محمدِ مصطفےٰ!                                                       سب سے آخری نبی!          احمدِ مجتبیٰ!                                                        سب سے آخری نبی!

آمنہ کا لاڈلا!                                                   سب سے آخری نبی!          شاہِ ہر دوسرا!                                 سب سے آخری نبی![2]

حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ عقيده ختم نبوت

صحابي رسول حضرت ابوهريره کان روايت آهي، آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: جڏهن الله پاڪ حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کي پيدا فرمايو ته کين اولاد ڏيکاريو ويو، پاڻ پنهنجي اولاد مان ڪن کي ڪجھ کان افضل ڏٺو، پوءِ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام سڀني کان آخر ۾ بلند ۽ روشن نُور ڏٺو، عرض ڪيو: یَا رَبِّ! مَنْ ہٰذَا؟ اي الله پاڪ! هي ڪير آهي؟ ارشاد ٿيو؛ اي آدم! هي اوهان جو پٽ احمد(صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) آهي، اهو ئي اَوّل، اهو ئي آخِر آهي، هي ئي اهو آهي جيڪو(قيامت جي ڏينهن) سڀني کان پهريان شفاعت فرمائيندو، انهن جي شفاعت سڀني کان پهريان قبول ڪئي ويندي.[3]  صحابي رسول حضرت جابر بن عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته الله پاڪ جي نبي حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي


 

 



[1] مسلم،کتاب القدر،باب حِجاج آدم و موسیٰ  علیہما السَّلام ،صفحہ:1023،حدیث:2653۔

[2] ... وسائلِ فردوس، صفحہ:51۔

[3] مختصر تاریخ دمشق لابن عساکر،ما ورد فی اصطفائہ علی العالمین... الخ،جلد:2،صفحہ:111۔