Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

هن جي معنيٰ اَفْضَلُ النَّبِیّٖن  (سڀني نبين کان افضل) ٻڌائي، ڪافر آهي.[1]  واضح رهي! اسان  جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيشڪ سڀني نبين کان افضل آهن، پر خَاتَمُ النَّبِیّٖن جي اها معنٰي ڪرڻ ڪفر آهي ڇوته هي تحريف آهي. (4) جيڪو چئي هن زمين تي ته نه پر ٻي هنڌ(مثلاً ستن زمينن يا ستن آسمان مان ڪٿي) ڪو ٻيو نبي اچي سگهي ٿو، چوڻ وارو ڪافر آهي. (5) جيڪو چئي:  انسانن ۾ نئون نبي نٿو اچي سگهي، باقي ٻي مخلوق ۾ هاڻي به نبي اچي سگهي ٿو. چوڻ وارو ڪافر آهي.

ياد رهي! ”خَاتَمُ النَّبِیّٖن “ جون اهڙيون معنائون ڪرڻ وارو ڪافر آهي، جيڪو ان کي ڪافر نه سمجهي يا ان جي ڪفر ۾ شڪ ڪري اهو به ڪافر، مرتد، اسلام مان خارج آهي.[2]  

سب صحابہ کا ہے یہ عقیدہ اَٹل                                                                           ہیں یہ خیرُ الوریٰ خاتَمُ الْاَنبیاء

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

نبوت جا ڪوڙي دعويدار سان دليل گهرڻ ڪيئن؟

حضرت ابو منصور ماتريدي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  لکن ٿا: جيڪو حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  کان بعد نبي جي اچڻ جي دعويٰ ڪري ته ان کان ڪو دليل نه گهريو ويندو بلڪه ان شخص جي عقيدي جو انڪارئي ڪيو ويندو[3] ڇوته الله پاڪ جا پيارا  


 

 



[1] فتاوی رضویہ، جلد:14،صفحہ:333 ماخوذًا۔

[2] فتاوی رضویہ، جلد:14،صفحہ:338 ماخوذًا۔

[3] تفسیر تاویلات اہلِ السنہ ماتریدی،پارہ:22،الاحزاب،زیرِ آیت:40،جلد:8 ،صفحہ:396 ۔