Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat
سِرَ آهن جنهن تي هن عمارت جي انتها (COMPLETION) ٿي. هن مان معلوم ٿيو ته حضور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) آخري نبي آهن، سندن زماني ۾ يا سندن کان بعد ڪوبه نبي ناهي.[1]
مسلمانن جا چوٿان خليفه علي المرتضي، شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا؛ هڪ ڀيري مان بيمار هيس، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، پاڻ مون کي پنهنجي جگھ تي بيهاريو ۽ پاڻ نماز ۾ مصروف ٿي ويا، پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي چادر مبارڪ جو ڪجھ حصو مون تي وڌو، (نماز کان بعد) فرمايائون: اي علي! توهان ٺيڪ ٿي ويا، توهان تي ڪا تڪليف نه آهي، مون الله پاڪ کان جيڪو ڪجھ پنهنجي لاءِ گهريو، توهان جي لاءِ به گهريو ۽ مون جيڪو ڪجھ چاهيو، الله پاڪ مون کي عطا فرمايو پر مون کي فرمايو ويو ته لَانَبِیَّ بَعْدَکَ يعني اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان کان بعد ڪو نبي ناهي. حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مان انهي وقت اهڙو تندرست ٿي ويس ڄڻ بيمار ئي نه هيس. [2]
پيارا اسلامي ڀائرو! هي نهايت مشهور، تمام مختصر ۽ عقيده ختم نبوت کي بلڪل واضح ۽ صاف صاف بيان ڪرڻ واري پياري حديث شريف آهي:لَا نَبِیَّ بَعْدِی مون کان بعد ڪوبه نبي ناهي. بلڪل اهي ئي الفاظ يا ان کان ملندڙ جلندڙ الفاظ پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڀيرو نه بلڪه ڪيئي ڀيرا مختلف موقعن تي ارشاد فرمايا. لهٰذا ڪوشش ڪري هي مختصر