Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat
صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم يعني هنن اوصاف و ڪمالات جي سبب محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم توهان سڀني کان افضل آهن. [1]
تاجدارِ انبیا! سب سے آخری نبی! ہیں حبیبِ کبریا! سب سے آخری نبی!
عقیدہ سب صحابہ کا! سب سے آخری نبی! عقیدہ اَہْلِ بیت کا! سب سے آخری نبی![2]
حديث شريف جي مشهور ڪتابن، بخاري، مسلم، ترمذي ۽ مسند احمد ۾ آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: منهنجو ۽ گذريل انبياء جو مثال ان شخص وانگر آهي جنهن هڪ خوبصورت گهر ٺهرايو ۽ ان کي سهڻو سجايائين، پر ان گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ سِرَ جي جڳھ ڇڏي ڏنائين، ماڻهو اچي ان گهر کي ڏسڻ لڳا ۽ اُن تي تعجب جو اظهار ڪندي چوڻ لڳا ته هتي سِرَ ڇونه لڳائي وئي آهي؟ پوءِ حضُور نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ”مان اها آخري (سِرَ) آهيان ۽ مان ئي نبين ۾ آخري نبي آهيان“.[3]
ٻيءَ روايت ۾ هي الفاظ به آهن: ”مان ان سِرَ جي جڳھ آهيان، منهنجي آمد کان بعد ۾ انبياءِ ڪرام جي آمد جو سلسلو خَتم (يعني مڪمل) ٿي ويو.“[4]
ہیں وہ قصرِ نبوّت کی اینٹ آخری قولِ شاہِ دنا خاتَمُ الْاَنبیا
مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ لکن ٿا: سُبۡحٰنَ الله! ڪيترو ته پيارو مثال آهي ”نبوت“ ڄڻ نوراني محل آهي، انبياءِ ڪرام (عَلَيهِمُ السَّلَام) ڄڻ هن جون نوراني سِرون آهن، حضور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ڄڻ هن محل جي آخري