Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat
نُبُوَّت جي مناسبت سان عقيده ختم نُبُوَّت جي متعلق سيدي اعلي حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جون تحقيقون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا.
محمدِ مصطفےٰ! سب سے آخری نبی! احمدِ مجتبیٰ! سب سے آخری نبی!
آمنہ کا لاڈلا! سب سے آخری نبی! شاہِ ہر دوسرا! سب سے آخری نبی!
تاجدارِ انبیا! سب سے آخری نبی! ہیں حبیبِ کبریا! سب سے آخری نبی!
عقیدہ سب صحابہ کا! سب سے آخری نبی! عقیدہ اَہْلِ بیت کا! سب سے آخری نبی!
نظریہ غوث کا سب سے آخری نبی! اَوْلیا کا نظریہ سب سے آخری نبی!
ہے رضا کا نظریہ! سب سے آخری نبی! نظریہ عطار کا ! سب سے آخری نبی![1]
خدا جو قسم تنهنجي مثل ڪوبه نه آهي
هڪ ڀيري عاشق آخري نبي، سيدي اعلي حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ سوال ٿيو: ڇا دنيا ۾ ڪو ٻيو مُحَمَّد پيدا ٿيڻ ممڪن آهي؟
ڪيترو يُونِيۡڪ سُوال آهي...!! هڪ ته هي سوال آهي ته پياري آقا، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان بعد ڪو ٻيو نبي اچي سگهي ٿو يا نه؟ پر سوال ڪرڻ واري هي نه پڇيو ته ڪو ٻيو نبي به اچي سگهي ٿو يا نه...؟ ان پڇيو: ڇا ڪو ٻيو محمد پيدا ٿي سگهي ٿو يا نه..؟ هاڻي ٻڌو! عاشق آخري نبي، سيدي اعلي حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو جواب...!! سندن ارشادن جو خُلاصو آهي، فرمايائون: اهو محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪو الله پاڪ جو رسول آهي، اَوّل به آهي، آخِرُ به آهي، ظَاهِرُ به آهي، بَاطنِ به آهي، نبين جو سردار به آهي، مالڪ ۽ مختار به آهي، الله پاڪ جن کي رَحْمَۃُ لِّلْعَالَمِیْن به بڻايو ۽ خَاتَمُ النَّبِیّٖن جو تاج به سندن مٿي تي