Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat
اعلي حضرت ۽ آيت ختم نبوت جي تفسير
سيپارو:22، سورت احزاب، آيت:40 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
مَا کَانَ مُحَمَّدٌ اَبَاۤ اَحَدٍ مِّنۡ رِّجَالِکُمۡ وَ لٰکِنۡ رَّسُوۡلَ اللّٰہِ وَ خَاتَمَ النَّبِیّٖنَ ؕ وَ کَانَ اللّٰہُ بِکُلِّ شَیۡءٍ عَلِیۡمًا (۴۰)
ترجموڪنزالعرفان: محمد توهان جي مَردن مان ڪنهن جو پيءُ نه آهي پر الله جو رسول آهي ۽ سڀني نبين جي آخر ۾ تشريف وٺي اچڻ وارو آهي.
هن آيتِ ڪريمه جي تفسير پاڻ آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به فرمائي، صحابه ڪرام به هن آيت جي تفسير بيان ڪئي، تابعين به بيان ڪئي، پوءِ ان کان بعد کان وٺي ڪري 13 صدين جي عالم سڳورن به هن آيت جي متعلق تمام خوبصورت ۽ علمي تحقيقون فرمايون آهن، سيدي اعلي حضرت امام احمد رضا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن 13 صدين جي تحقيقات جو خلاصو بيان ڪندي لکن ٿا: خَاتَمُ النَّبِیّٖن جي معنيٰ آهي: آخِرُ الْاَنْبِیَاء يعني (سڀني کان آخري نبي ڇوته) حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي درر ۾ يا پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان بعد قيامت تائين ڪنهن کي به نُبوَّت ملڻ محال آهي. آيت جي هن معنيٰ جي تاويل يا تخصيص ڪرڻ (يعني پنهنجي مرضي جي معنيٰ ڪڍڻ) ڪفر آهي.[1]
خَاتَمُ النَّبِیّٖن جا 5 ڪفريه معنائون
سيّدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ لکن ٿا ته (1) جيڪو چئي ” خَاتَمُ النَّبِیّٖن “ جو مطلب آهي: نئين شريعت وارو نبي، لهٰذا انهيء اسلامي شريعت تي عمل ڪرڻ وارو نبي اچي سگهي ٿو. چوڻ وارو ڪافر آهي. (2) جيڪو ”خَاتَمُ النَّبِیّٖن“ جي معنيٰ نبي بالذّات (اصلي نبي) ڪري، ڪافر آهي.(3) جيڪو