Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat
نهايت ضروري آهي، چاهي سڄي زندگي نيڪين ۾ گذاري هجي پر خدانخواسته خاتمو ايمان تي نه ٿيو ته هميشه جي لاءِ دوزخ ۾ رهڻو پوندو. فرمانِ آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالْخَوَاتِیْم يعني اعمال جو دارومدار خاتمي تي آهي. [1]
تمام عاشقانِ آخري نبي کي گهرجي ته هي مسنون دعا ضرور گهرندا ڪن:
یَا مُقَلِّبَ الْقُلُوْبِ ثَبِّتْ قَلْبِیْ عَلیٰ دِیْنِکَ([2])
ترجمو: اي دلين کي ڦيرڻ وارا! منهنجي دل کي پنهنجي دين تي ثابت قدم رک.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفيوار رسالو
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اڄوڪي هن پُرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي دلين ۾ عشقِ رسول جاڳائڻ، نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ امّت کي نيڪ نمازي بڻائڻ جي ڪوشش ۾ مصروفِ عمل آهي، توهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بي شمار برڪتون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار رسالو مطالعو به آهي. اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:
هند جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڪجھ هن طرح بيان آهي: مان ڪفر جي