Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat
ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ لکيل هيو: مُحَمَّد رسول اللہ خَاتَمُ النَّبِیّٖن ”محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جا رسول ۽ سڀني کان آخري نبي آهن.“[1]
تاجدارِ انبیا! سب سے آخری نبی! ہیں حبیبِ کبریا! سب سے آخری نبی!
عقیدہ سب صحابہ کا! سب سے آخری نبی! عقیدہ اَہْلِ بیت کا! سب سے آخری نبی![2]
حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، رسول رحمت، شفيع اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام هند ۾ لٿا، کين ٿوري گهٻراهٽ ٿي ته حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام آيا، انهن اَذان ڏني، جڏهن جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام اَشْہَدُ اَنَّ مُحَمّدًا رَّسُوْلُ اللہ چيو ته حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام پڇيو: مَنْ مُحَمَّد؟ يعني محمد ڪير آهي؟ جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام چيو: خَرُ وَلَدِکَ مِنَ الْاَنْبِیَاء يعني محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اوهان جي اولاد مان سڀني کان آخري نبي آهي.[3]
حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ عقيده ختم نبوت
طبقات الڪبريٰ ۾ روايت آهي: الله پاڪ پنهنجي نبي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام تي نازل ٿيڻ وارن صحيفن ۾ لکيو هيو: (اي ابراهيم!) اوهان جي اولاد ۾ ڪيئي قبيلا ٿيندا، ايستائين جو نبي اُمّي تشريف کڻي ايندا (اهي نبي اُمّي ڪير آهن؟ ارشاد ٿيو:) اَلَّذِیْ یَکُوْنُ خَاتَمُ الْاَنْبِیَاء اهي جيڪي سڀني کان آخري نبي ٿيندا. [4]
حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ عقيده ختم نبوت
مُحمد بن ڪعب قُرَظي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي: الله پاڪ پنهنجي نبي حضرت