Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

پوءِ بيهي ڪري ارشاد فرمايو: اي خوبصورت انداز ۾ ڳالهائڻ وارا! اسان اوهان جي ڳالھ ٻڌي، تون ملائڪ آهين يا جن يا رجالُ الۡغيۡب (يعني نظرن کان پوشيده انسان)؟ اسان جي سامهون ظاهر ٿي ڪري اسان سان گفتگو ڪر جو اسان الله پاڪ ۽ ان جي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جا سفير (REPRESENTATIVE) آهيون. هي چوڻو هو جو جبل مان روشن چهري ۽ اڇي ڏاڙهي وارو ضعيف بزرگ ظاهر ٿيو جنهن اڇي انّ(پشم) جي هڪ چادر ويڙهي رکي هئي، ايندي ئي ان سلام ڪيو: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللّٰہِ وَبَرَکٰتُہٗ اتي موجود حاضرين جواب ڏنو، حضرت نَضۡله رَضِىَ اللهُ عَنْه ارشاد فرمايو: الله پاڪ اوهان تي رحم ڪري اوهان ڪير آهيو؟ ان جواب ڏنو: مان زُرَيۡب بن ثَرۡمَلا آهيان. الله پاڪ جي نبي حضرت عيسٰي عَلَيهِ السَّلَام مون کي هن جبل ۾ ترسايو هو ۽ آسمانن کان پنهنجي ٻيهر تشريف کڻي اچڻ تائين منهنجي زندھ رهڻ جي دعا ڪئي هئي.[1]

سب صحابہ کا ہے یہ عقیدہ اَٹل                                                                           ہیں یہ خیرُ الوریٰ خاتَمُ الْاَنبیاء

گذريل اُمتن جا عالم  عقيده ختم نبوت

اي عاشقانِ رسول! اسان جا پيارا نبي رسول هاشمي  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن سڀني کان آخري نبي آهن، هي ڳالھ گذريل امّتن ۾ گهڻي مشهور ۽ معروف هئي. جيئن ته حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: منهنجو والد تورات جو وڏو عالم هيو، الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَيهِ السَّلَام تي جيڪو ڪجھ نازل فرمايو، تورات جو جيترو علم ان وٽ هيو، سندس زماني ۾ ٻي ڪنهن وٽ نه هيو، اهو پنهنجي علم مان ڪابه شيءِ مون سان نه لڪائيندو هيو، جڏهن آخري وقت آيو ته مونکي سڏي ڪري چيائين: پٽ! توکي خبر آهي ته مان پنهنجي علم مان ڪابه شيءِ توکان ناهي لڪائي، ها! 2 ورق آهن، انهن ۾ هڪ نبي جو بيان آهي، انهن جي تشريف آڻڻ جو زمانو قريب اچي پهتو آهي، مان پهريان هي ڳالھ


 

 



[1] دلائل النبوۃ لابی نعیم،الفصل السادس:توقع الکھان،جز:1،صفحہ:56،حدیث:54۔