Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat
جيئن ته الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان خوش قسمت گڏھ کي قبول فرمايو ۽ ان جو نالو ”يعفور“ رکيو.[1]
محمدِ مصطفےٰ! سب سے آخری نبی! احمدِ مجتبیٰ! سب سے آخری نبی!
آمنہ کا لاڈلا! سب سے آخری نبی! شاہِ ہر دوسرا! سب سے آخری نبی!
تاجدارِ انبیا! سب سے آخری نبی! ہیں حبیبِ کبریا! سب سے آخری نبی!
عقیدہ سب صحابہ کا! سب سے آخری نبی! عقیدہ اَہْلِ بیت کا! سب سے آخری نبی!
نظریہ غوث کا! سب سے آخری نبی! اَوْلیا کا نظریہ! سب سے آخری نبی!
ہے رضا کا نظریہ! سب سے آخری نبی! نظریہ عطار کا! سب سے آخری نبی![2]
اي عاشقانِ رسول! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عقيده ختم نبوت بلڪل واضح ۽ صاف صاف عقيدو آهي، انهن تمام دليلن مان واضح ٿي ويو ته زمين ۽ آسمان جي پيدائش کان پهريان کان وٺي هاڻي تائين هر زماني ۾ ملائڪن، نبين، صحابه، اهل بيت، علماء، اولياء، سڀني جو عقيدو رهيو آهي ته اسان جا پيارا نبي، رسول هاشمي، مڪي مدني محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني کان آخري نبي آهن. سندن بعد ڪو نئون نبي نه ايندو.
پر ياد رکو! هي عقيدو جيترو واضح ۽ صاف آهي، ان تي ڌاڙُو هڻڻ وارا به تمام گهڻا آهن. آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: عنقريب منهنجي امّت ۾ ٽيھ تمام وڏا ڪوڙا (پيدا) ٿيندا، انهن مان هر هڪ دعويٰ ڪندو ته اهو نبي آهي حالانڪه مان خاتمُ النّبيّين (يعني آخري نبي) آهيان ۽ مون کان بعد ڪوبه نبي ناهي.[3]