Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

اسان آخري نبي جي آخري اُمت آهيون

اي عاشقانِ آخري نبي! الله پاڪ جو اسان گنهگارن تي وڏو فضل و احسان آهي جو ان اسان کي پياري پياري سڀني کان آخري نبي، مڪي مدني، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اُمتي بڻايو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسان جا پيارا آقا، مڪي مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سڀني رسولن ۽ نبين کان افضل آهن ۽ الله پاڪ جي رحمت سان پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي صدقي ۾ سندن اُمت پوين تمام اُمّتن کان بهتر آهي.

سارے رسولوں سے تم بَرتَر، تم سارے نبیوں کے سروَر

سب  سے  بہتر   اُمَّت   والے  ، صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم[1]

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

يوم ختمِ نُبُوَّت ۽ تحقيقات رضا

اي عاشقانِ آخري نبي! اَڄُ 7 سيپٽمبر آهي ۽ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ 7 سيپٽبر تي يومِ ختم نُبُوَّت ملهايو ويندو آهي ۽ عنقريب صفر المظفر 25 ويهين شريف يعني يوم رضا به اچڻ وارو آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اعلي حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه عاشق آخري نبي، عقيده ختم نبوت جا عظيم پهريدار آهن، سيّدي اعلي حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيئن ٻين عقائد و اعمال، تفسير ۽ حديث، فقه ۽ تصوف وغيره 100 کان وڌيڪ علوم ۾ بهترين تحقيقات فرمايون آهن، عقيده ختم نبوت کي به پاڻ تمام بهترين انداز سان بيان ڪيو آهي، اچو! يومِ ختم


 

 



[1] ... سامانِ بخشش، صفحہ:103۔