Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. [1]

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس گھُورڻ، جھڻڪڻ، تڪرار ڪرڻ کان بچندس، بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس.اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِیْم!

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ عقيده ختم نبوت

منهنجا آقا اعلي حضرت، امام اهلسنت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  فتاويٰ رضويه، جلد:15، صفحو: 663 تي عقيده ختم نبوت تي دلائل ڏيندي لکن ٿا: هڪ ڀيرو ملائڪن جو سردار حضرت جبريل اَمين عَلَيۡهِ السَّلَام بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿي هينئن سلام عرض ڪيو: السَّلَامُ عَلَیْکَ یَاظاہِرُ! اَلسَّلَامُ عَلَیْکَ یَابَاطِنُ  اي ظاهر نبي! اوهان تي سلام هجي، اي باطن نبي، اوهان تي سلام هجي. اُن تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي جبريل! هي صفتون ته الله پاڪ جون آهن، انهيءَ کي سونهن ٿيون، مون جهڙي مخلوق جون هي صفتون ڪيئن ٿيون ٿي سگهن؟ حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: الله پاڪ اوهان کي هنن


 

 



[1] بخاري، ڪتَاب بَدءِ الْوَحي، صفحو:65، حديث:1۔