Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat
يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام جي طرف وحي موڪلي: (اي يعقوب!) مان اوهان جي اولاد ۾ ڪيئي بادشاھ ۽ نبي پيدا ڪندس، ايستائين جو حرم وارا نبي تشريف کڻي ايندا، وَہُوَ خَاتَمُ الْاَنْبِیَاء وَ اِسْمُہٗ اَحْمَد يعني اهي سڀني کان آخري نبي هوندا ۽ انهن جو نالو مبارڪ اَحۡمد مجتبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي.[1]
حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ عقيده ختم نبوت
حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، آخري نبي، مڪي مدني، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ جڏهن موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام تي تورات نازل ٿيو ته پاڻ ان جي تلاوت ڪئي، اُن هن (آخري) اُمَّت جو ذڪر پڙهيو ته عرض ڪيو: اي الله پاڪ! مان تورات ۾ اهڙي اُمَّت جو ذڪر ڏسان ٿو جيڪا(زماني جي اعتبار سان) سڀني کان آخري ۽ (فضيلت ۾) سڀني کان اڳيان هوندي، اي مالڪ ڪريم! ان کي منهنجي اُمَّت بڻائي ڇڏ! الله پاڪ فرمايو: يعني اي موسٰي! هي سڀني کان آخري نبي احۡمَد مجتبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي امت آهي. [2]
محمدِ مصطفےٰ! سب سے آخری نبی! احمدِ مجتبیٰ! سب سے آخری نبی!
آمنہ کا لاڈلا! سب سے آخری نبی! شاہِ ہر دوسرا! سب سے آخری نبی!
تاجدارِ انبیا! سب سے آخری نبی! ہیں حبیبِ کبریا! سب سے آخری نبی![3]
اي عاشقانِ آخري نبي! ڏسو! پهريان نبين سڳورن عَلَيۡهِم السَّلَام کي باقاعده وحي موڪلي ڪري ٻڌايو ويو ته اسان جا محبوب نبي، رسول هاشمي سڀني کان آخري نبي هوندا، پوءِ نبين سڳورن عَلَيۡهِم السَّلَام پنهنجي اُمَّتين کي به هي عقيدو ياد