Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat
اهلِ سنّت). هي ايپليڪيشن Android ۽ IOS ٻنهي طرح جي ڊيوائسز سان بآسانيءَ ڊاؤن لوڊ ڪري سگهجي ٿي، هن موبائل ايپليڪيشن ۾ * مختلف موضوعن تي پڇيل سوالن جا جواب آڊيو، وڊيو ۽ ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن * احڪامِ تجارت * فرض علوم ڪورس * ۽ تجارت ڪورس به هن ايپلي ڪيشن ۾ شامل آهي.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
زلفن ۽ مٿي جي وارن جون سنّتون ۽ آداب
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : جنهن جا وار هجن اهو انهن جي عزت ڪري.[2] يعني انهن کي ڌوئي، تيل لڳائي ۽ ڪنگو ڪري.
پيارا اسلامي ڀائرو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا زلف ڪڏهن نِصف (يعني اڌ) ڪن مبارڪ تائين * ڪڏهن ڪن مبارڪ جي لَو تائين ۽ * ڪڏهن ڪڏهن وڌي ويندا هئا ته مبارڪ ڪلهن کي جهومي جهومي ڪري چمڻ لڳندا هئا * اسان کي گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن ٽئي سنّتون ادا ڪيون، يعني ڪڏهن اڌ ڪن تائين ته ڪڏهن پوري ڪن تائين ته ڪڏهن ڪلهن تائين زلف رکون