Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

ولادت باسعادت جي وقت خاص تارو نڪتو

شاعر درٻار رسالت،  صحابي رسول حضرت حسان بن ثابت رَضِىَ اللهُ عَنْه  فرمائن ٿا: منهنجي عمر 7 سال هئي، هڪ ڀيرو رات جو پويون پهر هيو، اچانڪ هڪ آواز گونجهيو، نڪري ڏٺم ته مديني جي هڪ بُلند دڙي تي هڪ غير مسلم هٿ ۾ باھ جو شعلو کڻي دانهون ڪري سڀني کي سڏي رهيو هيو، ماڻهو ان جي آواز تي جمع ٿيا، ان چيو: ہٰذَا کَوْکَبُ اَحْمَد هي احمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جو تارو آهي، هي تارو صرف ڪنهن نبي جي ولادت جي وقت ئي نڪرندو آهي ۽ هاڻي نبين مان حضرت احمد مجتبي(صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) کان علاوه ڪو نبي باقي نه آهي.[1]

معراج جو سفر ۽ عقيدھ ختم نبوت

ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي؛ الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي معراج جي سفر جو واقعو آهي، جڏهن پاڻ ڪريم(مسجدِ اقصيٰ ۾) انبياءِ ڪرام عَلَيۡهم السَّلَام سان مليا، ان وقت انبياءِ ڪرام عَلَيۡهم السَّلَام خطبا ڏنا، ان ۾ الله پاڪ جي حمد و ثناء بيان ڪئي، سڀني کان آخر رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خطبو ارشاد فرمايو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن خطبي ۾ پنهنجا ۽ پنهنجي اُمت جا کوڙ سارا فضائل بيان فرمايا، پوءِ فرمايائون: سڀ تعريفون اُن ربّ ڪريم جي لاءِ آهن  جو جَعَلَنِی  فَاتِحًا وَ خَاتَمًا جنهن مون کي فاتح(يعني کولڻ وارو) خَاتم (يعني سڀني کان آخري نبي) بڻائي موڪليو آهي. ان وقت حَضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام  انبياءِ ڪرام عَلَيۡهم السَّلَام  کي فرمايو: بِہٰذَا فَضَّلَکُمْ مُحَمَّد


 

 



[1] دلائل النبوۃ لابی نعیم،جز:1،الفصل الخامس ذکرہ فی الکتب... الخ،صفحہ:38 ،رقم:35ملتقطًا۔