Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

موت جي ياد ڏيارڻ واراڪجھ واقعا

   ڪامِل ولي، حضرت خواجه بختيار ڪاڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: سومر شريف جو ڏينهن هو، مان پنهنجي ڪامل پير حضور خواجه معينُ الدين چشتي اجميري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، ان وقت شيخ شهابُ الدين سهروردي، خواجه اَجَل شيرازي ۽ شيخ سيفُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم زيارت جي لاءِ آيل هئا. مختلف موضوعن تي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، ان دوران کِلَڻ جي باري ۾ گفتگو (Conversation) شروع ٿي. ان تي خواجه مُعينُ الدين چشتي اجميري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: ٽهڪ (يعني تيز آواز سان کِلڻ) جائز ته آهي(ڇوته ان ۾ گناھ نه آهي). باقي قبرستان ۾ نه کِلڻ گهرجي ڇوته قبرستان عِبرت جو مقام آهي. منقول آهي: جڏهن ڪو شخص قبرستان جي ويجهو گذرندو آهي ته مُردا چوندا آهن: اي غافِل! جيڪڏهن توکي خبر پئجي وڃي ته توکي ڇا ڪجھ پيش ايندو ته (خوف جي سبب) تنهنجي جسم جو گوشت کَلَ ڇڻي وڃي.

   ايترو فرمائڻ کان بعد خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي مبارڪ زندگيءَ جا ڪجھ سبق آموز ۽ عبرت ناڪ واقعا بيان ڪيا، فرمايائون: هڪ ڀيري مان ۽ شيخ اَوۡحَدۡ ڪِرماني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سفر تي هئاسين، اسان جي ملاقات هڪ پوڙهي شخص سان ٿي، اهو پيرسن بُزرگ هو ۽ الله پاڪ جي ياد ۾ تمام گهڻو