Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

3 ڀيرا لوڏيندا، پوءِ فرمائيندا هئا: اي انسانو! اي مسلمانو! توهان وٽ يقيني موت ايندو اهو پاڻ سان گڏ اهو ڪجھ آڻيندو جيڪو ان کي آڻڻو هوندو، خبردار! هر ڪوشش ڪرڻ واري جي لاءِ هڪ انتهاء آهي ۽ هر ڪوشش ڪرڻ واري جي انتها موت آهي، بَس ڪو پهريان ويندو آهي ۽ ڪو بعد ۾.

(شعب الایمان،باب :فی الزہد و قصر الامل،جلد:7 ،  صفحہ:356،حدیث:10569 ملتقطًا۔)

تعريف جي قابل اهو جيڪو موت کي ياد رکي

 حضرت ابنِ سابِط رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري بارگاھِ رسالت ۾ هڪ شخص جو ذڪر ٿيو: صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم ان جي تعريف ڪئي. ان تي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: اهو موت کي ڪيئن ياد ڪندو آهي؟ عرض ڪيو ويو: ان کان ڪڏهن موت جو ذڪر ٻڌو ناهي ويو. فرمايائون: پوءِ ته اهو اهڙو ناهي جهڙو توهان چئي رهيا آهيو.

(مصنف ابنِ ابی شیبہ،کتاب:الزہد،باب:ما ذکر عن نبینا فی الزہد،جلد:8 ،  صفحہ:129،حدیث:27۔)

موت کي ياد ڪرڻ جا فضائل ۽ فائدا

 * حديث شريف ۾ آهي: جنهن کي موت جي ياد خوف زده (Afraid) ڪندي آهي قبر ان جي لاءِ جنّت جو باغ بڻجي ويندي. (كنزالعمال،كتاب:الموت،قسم الاقوال،جز:15،جلد:8،صفحہ:232،حدیث:42097۔) * بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو ويو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڇا ڪنهن کي شهيدن سان گڏ به اٿاريو ويندو؟ فرمايائون: ان کي جيڪو ڏينهن رات ۾ 20 ڀيرا موت کي ياد ڪندو هجي. (التذکرہ للقرطبی،باب ذکر الموت و الاستعداد لہ،  صفحہ:7۔) * حضرت اَنس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته حضور نبي پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: موت کي گهڻو ياد ڪندا ڪيو جو اهو گناھن کي زائل (Eliminate) ڪندو ۽ دنيا کان بي رغبتي پيدا ڪندو آهي.  (التذکرہ للقرطبی،باب ذکر الموت و الاستعداد لہ،  صفحہ:7۔)  * حضرت سفيان ثوري