Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

   ڪنهن شاعر ڪهڙي فڪر انگيز ڳالھ چئي آهي، لکي ٿو:

اِک یہ جہاں،  اِک وہ جہاں،  دونوں جہاں کے درمیاں

ہے فاصلہ  اِک سانس کا، جو آگئی تو یہ جہاں، گر  رُک گئی تو وہ جہاں

موت ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو

     حُجّةُ الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: بني اسرائيل جو هڪ مغرو (Arrogant) ماڻهو پنهنجي بند ڪمري ۾ هو، اوچتو هڪ شخص ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ان مغرور شخص ڏي وڌيو، ان مغرور رڙ ڪري چيو: تون ڪير آهين؟ ۽ توکي اندر اچڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ اچڻ واري شخص چيو: مون کي هن گهر جي مالڪ اجازت (Permission) ڏني ۽ مان اهو آهيان جنهن کي ڪو چوڪيدار به نه ٿو روڪي سگهي، مون کي بادشاهن کان به اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي هوندي، نه مون کي ڪنهن جو دٻدٻو ڊيڄاري سگهي ٿو، نه ئي مون کان ڪو مغرور ۽ سرڪش (Rebellious) بچي سگهي ٿو. هي ٻڌي ڪري اهو مغرور شخص خوف سبب ڏڪندي منهن ڀَر ڪري پيو، پوءِ نهايت ذلّت (Humiliation) سان شرمسار ٿي ڪري چيائين: اوهان ملڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام  معلوم ٿي رهيا آهيو؟ فرمايائون: ها! مان ملڪُ الموت آهيان. ان عرض ڪيو: ڇا مون کي مهلت (Respite) ملي سگهي ٿي ته جيئن توبھ ڪري نيڪين جو پڪو ارادو ڪيان؟ فرمايائون: تنهنجا پساھَ پورا ٿي چڪا آهن. چيائين: مون کي ڪيڏانهن وٺي ويند‍ؤ؟ فرمايائون: ان جاءِ تي جتي تو اعمال موڪليا آهن ۽ ان گهر جي طرف جيڪو تو تيار ڪيو آهي. چيائين: افسوس! مون نه ڪو نيڪيون اڳتي موڪليون آهن نه ئي ڪو سُٺو گهر تيار ڪيو آهي. ملڪُ الموت