Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

زندگي جو سبق آموز مثال

   اي عاشقانِ رسول! اسان جي زندگي ڇا آهي؟ قرآنِ ڪريم ۾ ان جو وڏو سبق آموز مثال ڏنو ويو آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِنَّمَا مَثَلُ الۡحَیٰوۃِ الدُّنۡیَا کَمَآءٍ اَنۡزَلۡنٰہُ مِنَ السَّمَآءِ فَاخۡتَلَطَ بِہٖ نَبَاتُ الۡاَرۡضِ مِمَّا یَاۡکُلُ النَّاسُ وَ الۡاَنۡعَامُ ؕ       حَتّٰۤی اِذَاۤ اَخَذَتِ الۡاَرۡضُ زُخۡرُفَہَا وَ ازَّیَّنَتۡ وَ ظَنَّ  اَہۡلُہَاۤ   اَنَّہُمۡ قٰدِرُوۡنَ عَلَیۡہَاۤ ۙ          اَتٰہَاۤ  اَمۡرُنَا لَیۡلًا اَوۡ نَہَارًا فَجَعَلۡنٰہَا حَصِیۡدًا  کَاَنۡ لَّمۡ تَغۡنَ بِالۡاَمۡسِ ؕ کَذٰلِکَ نُفَصِّلُ الۡاٰیٰتِ لِقَوۡمٍ  یَّتَفَکَّرُوۡنَ (۲۴)  (سيپارو: 11، سورة يونس: آيت: 24)

ترجموڪنزالعرفان: دنيا جي زندگي جو مثال ته ان پاڻيءَ وانگر آهي جنهن کي اسان آسمان مان لاٿو ته ان جي سبب زمين مان پيدا ٿيڻ واريون شيون گهاٽيون ٿي نڪتيون جنهن مان انسان ۽ جانور کائيندا آهن ايستائين جو جڏهن زمين پنهنجي خوبصورتي ورتي ۽ خوب سينگارجي وئي ۽ ان جي مالڪن سمجهيو ته (هاڻي) اهي هن فصل تي قادر آهن پوءِ رات يا ڏينهن جي وقت اسان جو حڪم آيو سو اسان ان کي اهڙو لڻيل فصل ڪري ڇڏيو ڄڻ ڪلھ اهو اتي موجود ئي نه هو. اسان غور ڪرڻ وارن جي لاءِ اهڙي طرح تفصيل سان آيتون بيان ڪندا آهيون.

   هي اسان جي زندگي جو هڪ مثال (Example) آهي. ان کي آساني سان هيئن سمجهيو ته هاري (Farmer) زمين ۾ هر هلائيندو آهي، پوءِ ان ۾ ٻج (Seed)