Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

ڪپ ۽ دنياوي ڪاميابين جون سندون سجائڻ لاءِ ڪٻٽ ٺهرائيندي ڏٺو آهي؟ نه ڏٺو هوندو ۽ اهي ڪم شرعاً جائز به ناهين، ته پوءِ جڏهن سڀ ڪجھ هتي ڇڏي وڃڻو آهي ته هي ڊگريون اسان جي ڪهڙي ڪم جون؟ جنهن دولت جي لاءِ سڄي زندگي محنت ۽ مشقت ڪريون ٿا اها اسان جي ڪهڙي مدد ڪندي؟ جنهن منصب جي ڪري شان و شوڪت جو اظهار ڪندا رهياسين، اهو آخر اسان جي ڪهڙي ڪم ايندو؟ پيارا اسلامي ڀائرو! اڃا به وقت آهي، هوش ۾ اچو ۽ قبر و آخرت جي تياري ڪريو۔    (قبر کی پہلی رات،ص .۱۸)

ہے یہ دنیا بےوفا، آخِر فنا                                 نہ رہا اس میں گدا نہ بادشَہ

ڊڄو...!! واپس وَرڻ واري ڏينهن کان

   سيپارو: 3، سورة بقرة، آيت: 281 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ اتَّقُوۡا یَوۡمًا تُرۡجَعُوۡنَ فِیۡہِ  اِلَی اللّٰہِ   (سيپارو: 3، سورة بقرة، آيت: 281)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ توهان الله پاڪ جي طرف موٽايا ويندؤ.

   هڪ قول جي مطابق هن آيتِ ڪريمه جي معنٰي آهي: اي ايمان وارؤ! ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن توهان هن دنيا کي ڇڏي ڪري آخرت جي طرف روانا ٿي ويندؤ.

 (تفسیر صراط الجنان،پارہ:3 ،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت :281،جلد:1 ،صفحہ:419   مفہومًا۔)

 هاءِ! اهو ڏينهن جڏهن مَلَڪُ الموت تشريف وٺي ايندا، جسم مان روح ڇڪيو ويندو، مسجدن ۾ اعلان ڪيو ويندو: فلاڻو بن فلاڻو رضاءِ الهي سان انتقال ڪري ويو. هاءِ! پوءِ جلدئي غسّال (غسل ڏيڻ واري) کي گهرايو ويندو، غسل ڏئي ڪري ڪفن پارايو ويندو، پوءِ...!! ڏسندي ئي ڏسندي اسان کي اونداهي قبر ۾