Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

سامهون رکو ۽ الله پاڪ کان حياء جو حق ادا ڪيو.

(الزھد لابن المبارک، باب الہرب من الخطایا والذنوب،صفحہ:126،)

دِلا غافل نہ ہو یکدم، یہ دُنیا چھوڑ جانا ہے                                 بغیچے چھوڑ کر خالی زمیں اندر سمانا ہے

تو اپنی موت کو مت بھول، کر سامان چلنے کا                            زمیں کی خاک پر سونا ہے، اینٹوں کا سرہانا ہے

جہاں کے شَغْل میں شاغل، خدا کے ذکر سے غافل                                         کرے دعویٰ کہ یہ دنیا، مِرا دائم ٹھکانا ہے

موت جو  تصور ڪرڻ جو طريقو

   اي عاشقانِ رسول! موت کي ياد رکڻ ئي گهرجي ان جا وڏا فضائل آهن. موت کي ياد ڪرڻ، ان کي ياد رکڻ جو طريقو ڇا آهي؟ ان  جي باري ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اسان جي تربيت ڪندي فرمائن ٿا: پاڻ کي خوف ڏيارڻ ۽ دل کي قبر ۽ آخرت جي فڪر ۾ لڳائڻ جي لاءِ موت جو تَصوُّر ڄمائڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائي ۾ دل کي هر قسم جي دنياوي خيالن کان پاڪ ڪري پوءِ پهريان پنهنجي انهن دوستن ۽ رشتيدارن کي ياد ڪريو، جيڪي انتقال ڪري چڪا آهن، پنهنجي ويجھو ۽ پاڙي ۾ رهڻ وارن انتقال ڪري وڃڻ وارن مان هڪ هڪ کي ياد ڪريو ۽ تصور ئي تصور ۾ انهن جا چهرا سامهون آڻيو ۽ خيال ڪيو ته اهي ڪهڙي طرح دنيا ۾ پنهنجي پنهنجي منصب ۽ ڪم ۾ مشغول، وڏيون اميدون ڪيو، دنياوي تعليم جي ذريعي مستقبل جي بهتري لاءِ ڪوشان هئا ۽ اهڙن ڪمن جي تدبيرن جي پويان لڳل هئا جيڪي شايد ڪيترن سالن تائين مڪمل نٿا ٿي سگهن، دنياوي ڪاروبار جي لاءِ اهي هر طرح جون تڪليفون ۽ مشقتون برداشت ڪندا هئا، اهي صرف هن دنيا جي لاءِ ئي ڪوششن ۾ مصروف هئا، ان جون آسائشون انهن کي محبوب ۽ انهيءَ جو