Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

صاحب اٿيو، اهو به نهايت حسين ۽ جميل هو، فرمايائون: مان الله پاڪ جو ٻانهو عزرائيل آهيان. مون حضرت عزرائيل عَلَيهِ السَّلَام کي عرض ڪيو: مان الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو واسطو ڏئي ڪري عرض  ڪريان ٿو ته اوهان منهنجو ساھ ڪڍڻ وقت مون تي نرمي ڪجو. فرمايائون: رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ڪثرت سان دُرودِ پاڪ پڙهندو ڪر.

                          (سعادۃ الدارین،الباب الرابع ،اللطیفۃ السادسۃ، صفحہ:124 -125 ملتقطًا و  ملخصاً۔)

   اي عاشقانِ رسول! هن واقعي مان خبر پئي ته دُرودِ پاڪ پڙهڻ جون جتي ٻيون بيشمار فضلتون ۽ برڪتون آهن، اتي الله پاڪ جي رحمت مان اميد آهي ته ڪثرت سان دُرودِ پاڪ پڙهڻ واري جو روح نڪرڻ وقت به آساني ٿيندي. جيڪڏهن دُرودِ پاڪ پڙهڻ جي برڪت سان موت جي وقت روح جو جسم کان جُدا ٿيڻ ۾ نرمي ۽ آساني نصيب ٿي وڃي ته يقين ڪيو هي نهايت سَستو سودو آهي، ان کان ڪڏهن به غفلت نه ڪرڻ گهرجي.

جان نکلے تو اس طرح نکلے                                         تجھ پر اے غمزدوں کے یار درود

دل میں جلوے بسے ہوئے تیرے            لب  سے  جاری  ہو  بار  بار  درود

ذوقِ نعت، صفحہ:125 ۔

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔