Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

ئي موت کي ياد رکي ۽ ان جي لاءِ تياري ڪندو رهي. سيپارو: 29، سورة مُلڪ، آيت: 2 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

الَّذِیۡ  خَلَقَ الۡمَوۡتَ وَ الۡحَیٰوۃَ لِیَبۡلُوَکُمۡ  اَیُّکُمۡ  اَحۡسَنُ عَمَلًا ؕ  (سيپارو: 29، سورة مُلڪ، آيت: 2)

ترجموڪنزالعرفان: (الله اهو آهي) جنهن موت ۽ زندگيءَ کي پيدا ڪيو ته جيئن توهان جي آزمائش ڪري ته توهان مان ڪير وڌيڪ سُٺا عملَ ڪرڻ وارو آهي.

 معلوم ٿيو: زندگي ۽ موت اسان جي امتحان جي لاءِ آهي ته ڪير وڌيڪ سُٺا عمل ڪري ٿو. هن آيت ۾ سُٺن عملن مان ڇا مُراد آهي، ان جي متعلق هڪ قول هي به آهي ته توهان جي جاچ ٿي ته توهان مان موت کي ڪير ياد رکي ٿو؟ ۽ ڪير موت جي لاءِ خوب تياري ڪري ٿو؟

 (شعب الایمان،باب:فی الزہد و قصر الامل،جلد:7 ، صفحہ: 408،حدیث:10788)

موت جي تياري ڪيو!

   صحابيءِ رسول حضرت طارق محاربي رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي نصيحت ڪندي فرمايو: یَاطَارِقُ اِسْتَعِدَّ لِلْمَوْتِ قَبْلَ الْمَوْتِ يعني اي طارق! مرڻ کان پهريان موت جي تياري ڪري وٺ...!!   (معجمِ كبیر ، جلد:4 ، صفحہ: 391،حدیث:8099 ۔)

  شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اسان کي موت جي ياد ڏياريندي فرمائن ٿا: يقيناً جيڪو موت ۽ ان کان بعد وارن معاملن جي سٺي نموني ڄاڻ رکي ٿو اهو دنيا جي رنگينين ۽ ان جي آسائشن جي ڌوڪي ۾ نٿو اچي سگھي۔ ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن مرڻ واري جي قبر ۾ رکڻ لاءِ فرنيچر تيار ڪرائيندي، قبر ۾ ايئرڪنڊيشن لڳرائيندي، پيسا رکڻ لاءِ پيتي ٺهرائيندي، راندين ۾ کٽيل