Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

عمامو شريف ٻڌڻ سنّتِ مصطفٰي آهي

  2 فرامين مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (1): عمامو ٻڌو! توهان جو حِلم وڌندو. )مستدرک،کتاب:اللباس،جلد:5،صفحہ:272،حدیث:7488۔( (2): عمامي سان گڏ ٻه رڪعتون نماز (پڙهڻ) بغير عمامي جي ستر 70 رڪعتن کان افضل آهن.

)فردوس الاخبار،جلد:2صفحہ:265 ،حدیث:3233 (

   اي عاشقانِ رسول! عمامو شريف ٻڌڻ سنّتِ مصطفٰي آهي * پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هميشه مٿي مبارڪ تي ٽوپي مبارڪ تي عمامو سجائي ڪري رکيو * سفر حضر ۾ به مٿي مبارڪ تي عمامو شريف سجيل هوندو هو * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عمامي شريف ۾ شِملو ڇڏيندا هئا جيڪو ڪڏهن هڪ ڪُلهي تي، ڪڏهن ٻنهي ڪُلهن جي وچ ۾ هوندو هو * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مختلف موقعن تي مختلف رنگ جو عمامو شريف استعمال فرمائيندا هئا.

   عمامو شريف ٻڌڻ جا فضائل ۽ ان جي باري ۾ تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب عمامي جا فضائل جو مطالعو ڪيو! مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3  حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّتدَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو                                        سیکھنے سُنتیں قافلے میں چلو

سنتیں سیکھنے تین دِن کے لئے                                   ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو

الله پاڪ اسان کي عَمل جي فوفيق عطا فرمائي.   اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد