Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

وينداسين؟ صرف ڪفن جون ٻه چادرون بَس...!! هڪ عربي شاعر چئي ٿو:

نَصِیْبُکَ مِمَّا تَجْمَعُ الدَّھْرَ کُلَّہٗ                                                                                                                        رِدَااٰنِ تُلْویٰ فِیْہِمَا وَ حَنُوْط

ترجمو: يعني تو سڄي زندگي ڪمايو، جمع ڪيو، ان ۾ تنهنجو حصو ڇا آهي؟ ڪفن جون ٻه چادرون، جن ۾ توکي ويڙهيو ويندو ۽ مُردي کي لڳائڻ واري خوشبو!

(التذکرۃ للقرطبی ،باب ذکر الموت و الاستعدادلہ  ،صفحہ:9۔)

   صرف اهو ئي اسان جو حصو آهي، ان جي باري ۾ فرمايو ويو ته دنيا مان پنهنجو حصو نه ويساريو! يعني ڪفن کي ياد رکو!

وہ ہے عیش و عشرت کا کوئی محل بھی                            جہاں تاک میں ہر گھڑی ہو اَجَل بھی

بس اب اپنے اِس جہل سے تُو نکل بھی                        یہ جینے کا انداز اپنا بدل بھی

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے                                    یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں

نصيحت جي لاءِ موت ڪافي آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاش! اسان موت کي ياد رکڻ وارا بڻجي وڃون، صحابي رسول حضرت عمّار بن ياسِر رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: محبوبِ خدا، امامُ الانبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: کَفیٰ بِالْمَوْتِ وَاعِظًا يعني نصيحت جي لاءِ موت ئي ڪافي آهي.

(موسوعہ ابن الدنیا،کتاب الیقین،جلد:1،صفحہ:35،حدیث:31۔)

جب اس بزم سے اٹھ گئے دوست اکثر                        اور اٹھتے چلے جا رہے ہیں برابر

یہ ہر وَقْت پیشِ نَظَر جب ہے مَنْظَر                                   یہاں پر تِرا دل بہلتا ہے کیوں کر

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے                                         یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

دل هاءِ گناھن کان بيزار نه ٿي ٿئي

اهي نادان مسلمان جيڪي غفلت ۾ زندگي گذاري رهيا هوندا آهن، انهن مان ڪجھ ماڻهو ڪڏهن هن طرح شڪايت ڪري رهيا هوندا آهن، مثال طور *