Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

مطمئن (Satisfied) هوندا آهن: اسان جو پٽ وڏو ٿي ويو، هاڻي اهو پنهنجي پيرن تي بيٺو آهي، پنهنجي حفاظت پاڻ ڪري سگهي ٿو، اسان به پنهنجي طور تي مطمئن هوندا آهيون ته منهنجي بازو ۾ طاقت آهي، منهنجي صحت (Health) چڱي آهي، پيسو آهي، دولت آهي، منصب آهي، سڀ ڪجھ آهي، ڪنهن جي مجال جو منهنجي وارَ کي به نقصان پهچائي سگهي.

   پر هاءِ! انهيءَ اطمينان جي حالت ۾ ڪڏهن موت جي آنڌي هلي ويندي آهي ۽ چڱي ڀلي انسان، طاقتور (Powerful) نوجوان کي اونداهي قبر ۾ سمهاري ڇڏيندي آهي. اها ئي زندگيءَ جي حقيقت (Reality)  آهي.

زندگی نام رکھ دیا کس نے                                        موت کا انتظار ہے دنیا

مون  زندگي جي حقيقت اکين سان ڏٺي

   هڪ اسلامي ڀاءَ، فيصل آباد G.P.O ۾ ملازم آهن، هڪ ڏينهن هو پاڙي جي مسجد جي امام صاحب وٽ آيو، تمام گهڻو خوف زده هو، چوڻ لڳو: قاري صاحب! اڄ مون زندگي جي حقيقت کي پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي، ٿيو ڪجھ هيئن جو منهنجو هڪ دوست مون سان ملڻ جي لاءِ منهنجي آفيس ۾ آيو، پراڻو دوست هو، مان خوش ٿي ڪري مِليس، ڀاڪر پاتو ۽ ويهاريمانس، چانھ گهرائي. اڃان چانھ ٽيبل تي رکيل هئي اسان آمهون سامهون ويهي گفتگو ڪري رهيا هئاسين، ڪجھ سيڪنڊ لڳا، ٽيبل تي رکيل چانھ ائين جو ائين رکيل رهجي وئي ۽ منهنجو دوست جنهن سان مان ويهي ڪچَهري ڪري رهيو هيس، اوچتو موت جي ننڊ سمهي رهيو.

آگاہ اپنی موت سے کوئی بشر نہیں                             سامان سو برس کا ہے پَل کی خبر نہیں