Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

لاٿو ويندو. اي ايمان وارؤ! ڊڄو...! ان ڏينهن کان ڊڄو...!

ہے یہاں سے تجھ کو جانا ایک دن                                قبر  میں  ہو گا  ٹھکانا ایک دن

منہ  خدا کو ہے  دِکھانا  ایک دن                                       اب نہ غفلت میں گنوانا ایک دن

ایک دن مرنا ہے آخر موت ہے                                 کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے

  ڇا مرڻ وارو ايئن جيئندو آهي.؟

   اي عاشقانِ رسول! ٿورو غور ڪيو، اسان مان ڪنهن کي ٻڌايو وڃي ته سڀاڻي تنهنجي زندگي جو آخري ڏينهن آهي. ته ٻڌايو! هڪ مسلمان پنهنجي زندگيءَ جو اهو آخري ڏينهن ڪيئن گذاريندو؟ * ڇا اهو فلمون ڊراما ڏسندو؟ * گانا ٻڌندو؟ * موبائل تي فضوليات (Futility) ۽ گناھن ۾ مصروف رهندو؟ * ڇا اهو چاهيندو ته اڄ منهنجو دنيا ۾ آخري ڏينهن آهي لهٰذا اڄ جيترو ٿي سگهي مال ڪمائي وٺان؟ نه...!! هڪ مسلمان پنهنجي زندگي جو آخري ڏينهن ائين گذارڻ پسند نه ڪندو بلڪه مسلمان ته پنهنجي زندگي جو اهو آخري ڏينهن نيڪين ۾ گذاريندو، نمازون پڙهندو، تلاوت ڪندو، گهڻي کان گهڻو دُرود شريف پڙهندو، توبھ ڪندو، ٻانهن جا حقَ (Rights) جيڪڏهن ضايع ٿيا هوندا ته معافي تلافي جي صورت ڪڍندو، جيستائين ٿي سگهندو ٻانهو پنهنجي زندگي جو اهو آخري ڏينهن نيڪين ۾ ئي گذارڻ جي ڪوشش ڪندو.

   هاڻي ٿورو ٻڌايو! ڇا اسان مان ڪنهن کي خبر آهي ته اسان جي زندگي جو آخري ڏينهن ڪهڙو آهي؟ آخري ڏينهن ته پري جي ڳالھ، اسان ايندڙ ساھ کڻي به سگهنداسين، اهو به اسان نه ٿا ڄاڻون، پوءِ اسان غفلت (Heedlessness) جو شڪار ڇو رهندا آهيون؟ پوءِ هي گناھن جي عادت ڇو نٿا ڇڏيون، فضوليات کان جان ڇڏائي ڪري اسان نيڪ ڪمن ۾ مصروف ڇو نه ٿا ٿي وڃون. اسان جو