Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

   اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جي تحت مُلڪ ۽ بيرونِ مُلڪ (Overseas) هزارين مدارِسُ المدينه بالغان لڳايا ويندا آهن، جن ۾ وڏي عُمر جي اسلامي ڀائرن کي دُرُست تجويد ۽ تلفظ سان گڏ قرآنِ پاڪ پڙھڻ سيکاريو ويندو، ۽ مختلف سنّتون ۽ آداب سيکاريا ويندا آهن. توهان به مدرسةُ المدينه بالغان ۾ جيڪڏهن پڙهائڻ جي اهليت رکو ٿا ته پڙهائڻ جي، نه ته پڙهڻ جي نيّت ڪري وٺو.

فيشن پرست جي زندگي ۾ بهار اچي وئي

  آفندي ٽائون (حيدرآباد، اندروني سنڌ، پاڪستان)  جي رهاڪو هڪ اسلامي ڀاءَ جو بيان آهي: آئون هڪ فيشن پرست (Fashionable) نوجوان هئس، دُنيا جي موج مستي ۾ گُم، پنهنجي آخرت جي اَنۡجام کان غافل زندگي جا ڏينهن گذاري رهيو هيس  منهنجي گناھن ڀري زندگي ۾ بهار هيئن آئي جو مون کي مَدرَسةُ المدينه بالغان ۾ داخلا جي سعادت ملي وئي، بَس منهنجي ته خوش بختي جي سفر جو آغاز ٿي ويو. مَدرَسَةُ المدينه بالغان جي برڪتن منهنجي دل جي اونداھ کي خوفِ خدا ۽ عشقِ مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چراغ سان مُنوَّر ڪري ڇڏيو۔ ان ۾ مون کي قرآنِ ڪريم جي تعليم سان گڏوگڏ سُنتن تي عمل جو جذبو به مليو ۽ ہفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت به نصيب ٿي.

 اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه! مدرسةُ المدينه بالغان ۾ پڙهڻ جي برڪت سان منهنجي زندگي ۾ مدني بہار اچي وئي، فيشن پرستي ۽ موج مستي کان نجات حاصل ٿي وئي.

ترا  شکر مولیٰ دیا مدنی ماحول                                                                                                                 نہ چُھوٹے کبھی بھی خدا مدنی ماحول

دعا ہے یہ تجھ سے دل ایسا لگا دے           نہ چُھوٹے کبھی بھی خدا مَدنی ماحول

(وسائلِ بخشش،صفحہ: 647-648)

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد