Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

زندگيءَ جي تياري ۾ مصروف ٿي وڃون.

غافِلو! قبر میں جب جاؤ گے                                           سانپ بچھو جو دیکھو گے چِلّاؤ گے

سر پچھاڑو گے پر کچھ نہ کر پاؤ گے                                  بے حد اپنے گناہوں پہ پچھتاؤ گے

قبر میں شَکل تیری بگڑ جائیگی                                        پِیپ میں لاش تیری لِتَھڑ جائیگی

بال جِھڑ جائیں گے کھال اُدھڑ جائیگی          کیڑے پڑ جائیں گے نَعْش سڑ جائیگی

(وسائلِ بخشش،صفحہ:655 - 656 ملتقطًا)

عقلمند ڪير...؟

   پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو:

اَلْکَیِّسُ مَنْ دَانَ نَفْسَہٗ وَ عَمِلَ لِمَا بَعْدَ الْمَوْتِ

يعني عقلمند اهو آهي جيڪو پنهنجو جائزو وٺندو رهي ۽ موت کان بعد واري زندگي جي لاءِ عمل ڪري.  (ترمذی، ابواب صفۃ القیامۃ و الرقائق و الورع،  صفحہ:583 ،حدیث:2459۔)

  حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: هڪ ڀيري بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو ويو: ڪهڙا مؤمن وڌيڪ عقلمند آهن؟ ارشاد فرمايائون: موت کي ڪثرت سان ياد ڪرڻ ۽ موت کان بعد جي لاءِ سُٺي تياري ڪرڻ وارا، اهي ئي ماڻهو گهڻو سمجهدار آهن.

                              (ابنِ ماجہ ،کتاب:الزہد،باب :ذکر الموت و الاستعداد لہ ،  صفحہ:690،حدیث:4259۔)

ڪو پهريان ويندو آهي، ڪو  بعد ۾

  شُعَبُ الايمان ۾ آهي: پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن ماڻهن کي موت کان غافل ڏسندا هئا ته دروازي تي تشريف وٺي ايندا هئا، دروازي کي