Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

پيارو الله پاڪ اسان کي فرمائي ٿو:

وَ اتَّقُوۡا یَوۡمًا تُرۡجَعُوۡنَ فِیۡہِ  اِلَی اللّٰہِ   (سيپارو: 3، سورة بقرة: 281)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ توهان الله پاڪ جي طرف موٽايا ويندؤ.

 يعني اي ايمان وارؤ! ڊڄو! ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن توهان کي موٽي ڪري الله پاڪ جي حضور وڃڻو آهي...!!

یہی تجھ کو دُھن ہے رہوں سب سے بالا                        ہو زینت نرالی ہو فیشن نرالا

جیا کرتا ہے کیا یونہی مرنے والا                                    تجھے حُسنِ ظاہر نے دھوکے میں ڈالا

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے                                     یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

دنيا مان پنهنجو حصو نه ويساريو...!!

 پيارا اسلامي ڀائرو! موت کي ياد رکڻ ئي گهرجي! انهيءَ ۾ ڀلائي آهي. سيپارو: 20، سورت قصص، آيت: 77 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

وَ لَا تَنۡسَ نَصِیۡبَکَ مِنَ الدُّنۡیَا  (سيپارو: 20، سورة قصص، آيت: 77)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ دنيا مان پنهنجو حصو نه ويسار.

هن آيتِ ڪريمه ۾ فرمايو ويو ته دنيا مان پنهنجو حصو نه ويساريو...!! ان مان مُراد ڇا آهي؟ ان باري ۾ هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائي ٿو: ان مان مُراد ڪفن آهي.  (شرح الصدور ، صفحہ:23۔)

  الله اڪبر! هن دنيا ۾ اسان جو حصو صرف ڪفن جون ٻه چادرون آهن، اسان سڄي زندگي ڪمائيندا رهون، ڪارون به خريد ڪيون، گهرَ، بنگلا به بڻائي وٺون، کربين رپيا به جمع ڪري وٺون، هزارين ميڊل به اسان وٽ جمع آهن، دنيا جي هر طرح جي نعمت اسان وٽ آهي پر اسان هن دنيا مان گڏ ڇا کڻي