Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

عَلَيهِ السَّلَام  فرمايو: پوءِ ته توکي ان ڀڙڪندڙ باھ (Blazing Fire) جي طرف  هڪليو ويندو جيڪا تنهنجو گوشت کَلَ ساڙي ڇڏيندي. هي چئي ڪري ملڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام ان جو روح قبض ڪري ورتو ۽ اهو مُئل ٿي ڪِري پيو. گهر ۾ واويلو پئجي ويو، رڙيون ۽ دانهون ۽ روڄ راڙو مچي ويو. ان واقعي جو راوي حضرت يزيد رَقاشي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائي ٿو: جيڪڏهن انهن ڏکُ ڪرڻ وارن کي ان جي بُري انجام جي خبر پئجي وڃي ها ته هن کان به وڌيڪ روڄ راڙو ڪن ها.

)احیاء العلوم،کتاب :ذکر الموت و ما بعدہ،باب:الثالث فی سکرات الموت …الخ،جلد:4 ،  صفحہ:567۔(

جب اس بزم سے اٹھ گئے دوست اکثر                       اور اٹھتے چلے جا رہے ہیں برابر

یہ ہر وقت پیشِ نظر جب ہے منظر                               یہاں پر ترا دل بہلتا ہے کیونکر

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے                                   یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

سَعادت مند ڪير...؟

   اي عاشقانِ رسول! حضرت عبدُ الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا:  اَلسَّعِیْدُ مَنْ وُعِظَ بِغَیْرِہٖ يعني سعادت مند اهو آهي جيڪو ٻين کان نصيحت حاصل ڪري.

(مسلم،كتاب:القدر،باب:كیفیۃ الخلق الآدمی فی بطنہ …الخ،  صفحہ:1019، حدیث:2645۔)

  افسوس! موت برحق آهي، اچڻو ئي اچڻو آهي. اسان جا ڪيئي دوست موت جو ذائقو چکي چڪا، اسان جي گهٽيءَ، پاڙي مان ڪيئي جنازا اسان جي اکين جي سامهون کڄي چڪا، گهڻن کي ته اسان پاڻ قبر ۾ لاٿو، گهڻن کي اسان لهندي ڏٺو، اسان جو به وارو اچڻ وارو آهي. سعادت انهيءَ ۾ آهي ته اسان ٻين جي موت کان عبرت حاصل ڪيون، نصيحت وٺون ۽ موت کان بعد واري