Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

”حج ۽ عُمرو“ موبائل ايپليڪيشن

  اي عاشقانِ رسول! اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن حوالي سان دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان مختلف موبائل ايپليڪيشنز جاري ٿي چڪيون آهن، انهن مان هڪ ايپلي ڪيشن آهي:  Hajj &Umrah (حج ۽ عُمرو).

 هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان توهان حج ۽ عُمري جو مختصر طريقو ۽ حج ۽ عُمري جا ضروري مسائل وغيره ڄاڻي سگهو ٿا، ان کان علاوه هن موبائل ايپلي ڪيشن ۾ حج ۽ عُمري جون دعائون، حرمين شريفين جي اهم زيارت جي مقامن جي معلومات وغيره به شامل آهي، هن موبائل ايپلي ڪيشن جو هڪ اهم فيچر هي آهي ته هن ۾ ٿري ڊي وڊيوز (3D Videos) جي ذريعي حج ۽ عُمري جو عَملي طريقو به سيکاريو ويو آهي. توهان به پنهنجي موبائل ۾ هي ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري وٺو! هن مان فائدو حاصل ڪيو ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

   پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا