Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

جهونپڙيءَ (Cottage) ۾ رهندا هئا، الله پاڪ جي ياد ۾ هر وقت مشغول رهندا هئا، جيڪو به سندن وٽ حاضر ٿيندو هو، هٿين خالي نه موٽندو هو، شيخ احمد سيوِسۡتاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هر اچڻ واري کي فرمائيندا هئا: هن دَرۡوَيش جي لاءِ ايمان جي سلامتي جي دعا ڪيو! جيڪڏهن مان قبر ۾ پنهنجو ايمان سلامت کڻي ويس ته وڏو ڪم ڪيو. (يعني دنيا مان ايمان سلامت کڻي ڪري قبر ۾ لهڻ وڏو ڪارنامو آهي بلڪه اصل ڪارنامو آهي ته ماڻهو نفس ۽ شيطان کان پنهنجو ايمان بچائي ڪري سلامتي سان نڪري وڃي).

   شيخ اَحۡمد سَيوِسۡتاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه موت ۽ قبر ۽ آخرت جي باري ۾ نهايت فِڪرمند رهندا هئا، جڏهن به انهن جي سامهون موت ۽ قبر جو ذڪر ٿيندو هو ته انهن تي هيبت طاري ٿي ويندي هئي، جسم مبارڪ خوف سبب ڏڪڻ لڳندو هو ۽ ايترو ته روئيندا هئا جو کيس روئيندو ڏسي ڪري اسان کي به روئڻ اچي ويندو هو. پوءِ فرمائيندا هئا: اي عزيزو! جنهن کي موت اچڻو آهي، ملڪُ الموت جنهن جي پٺيان آهي، جنهن کي قيامت جهڙو هولناڪ ڏينهن ڏسڻو آهي، ان کي ننڊ ۽ کلڻ سان ڪهڙو تعلق...!! اهڙو ماڻهو فضوليات ۾ ڪيئن مشغول ٿي سگهي ٿو؟ پوءِ فرمائيندا هئا:  اي عزيزو! قبر ۾ ليٽيل مُردا ڪيولين ۽ نانگن جي پڪڙ ۾ آهن، مٽيءَ جي قيد خاني ۾ بند  آهن، جيڪڏهن توهان کي سندن حالات معلوم ٿي وڃن ته بيٺي بيٺي لوڻَ وانگر ڳَري وڃو! اي عزيزو! موت جي تياري ۾ لڳي وڃو! اسان سڀني کي هڪ ڏينهن موت اچڻو آهي، شايد اسان پنهنجو ايمان سلامت کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون...!!

   ايترو فرمائڻ کان بعد خواجه حُضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تي رِقّت طاري ٿي وئي پاڻ زاروقطار رُنا، پوءِ فرمايائون: ان ذات جو قسم! جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! ان ڏينهن کان وٺي ڪري اڄ تائين مون تي موت ۽ قبر جي هيبت