Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

مشغول هو، مون اهڙو خُدا جي ياد ۾ مشغول شخص ڪڏهن نه ڏٺو. مطلب ته! مون انهن کي سلام ڪيو ۽ جڏهن هٿ ملايو ته ايئن لڳو ڄڻ سندن هٿن تي گوشت ته آهي ئي نه، اهو بزرگ گفتگو به تمام گهٽ ڪندو هو، هٿ مِلائيندي ئي منهنجي دل ۾ خيال آيو ته پڇان: اوهان ايترا ڪمزور ڇو آهيو؟ اهو بزرگ باڪرامت هو، اڃان مون دل ۾ ئي سوچيو هو، منهنجي پڇڻ کان پهريان ئي ان  فرمايو: هڪ ڏينهن مان پنهنجي هڪ دوست سان قبرستان وٽان گذريس، اسان ٿوري دير جي لاءِ هڪ قبر وٽ ويهي رهياسين، ان دوران اتفاق سان ڪا اهڙي ڳالھ ٿي جو مان ٽهڪ ڏئي کِليُس، انهيءَ وقت قبر مان آواز آيو: اي غافِل! جنهن کي اهڙو مقام در پيش هجي، ان جو کِلڻ سان ڪهڙو واسطو...؟ جيئن ئي هي آواز ٻڌو، مان اتان اٿيس، دوست جيڪو مون سان گڏ هو، ان کي مون الوداع چيو ۽ مان مسجد ۾ اچي ويهي رهيس، مون تي خوف طاري هو، جو مان قبرستان ۾ کِليُس، مون کي غفلت ورائي ورتو هو، مون کي ان تي ندامت ٿي رهي هئي، اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن آهي، 40 سال ٿي ويا آهن مون انهيءَ شرم جي ڪري اڄ تائين آسمان ڏانهن نگاھ ناهي کنئين، مان شرمنده آهيان ته قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ڪهڙو منهن کڻي ويندُس. (ہشت بہشت،دلیل العارفین ، صفحہ:14 -15 بتغیر قلیل)

کب گناہوں سے کَنارا میں کروں گا یَاربّ!                  نیک کب  اے  مِرے   اللہ!  بنوں  گا  یَا ربّ!

آج بنتا ہوں مُعزَّز جو کھلے حشر میں عیب                       آہ! رُسوائی کی آفت میں پھنسوں گا یَاربّ!

کب گناہوں کے مَرض سے میں شِفا پائوں گا              کب میں بیمار، مدینے کا بنوں گا یَاربّ!

(وسائلِ بخشش، صفحہ:84۔)

   خواجه مُعينُ الدّين چشتي اجميري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمايو: هڪ ڀيري مان پنهنجي پير ۽ مُرشد خواجه عثمان هَرۡوَني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان سَيۡوِسۡتان ويس، اتي اسان شيخ صدرُ الدين محمد احمد سَيۡوِسۡتاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وٽ پهتاسين، پاڻ هڪ