Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

تي بُکَ جي آزمائش ايندي آهي ته پاڻ کي سنڀالڻ، ايمان کي مضبوط رکڻ، ان امتحان ۾ استقامت سان ڪامياب ٿيڻ نهايت مُشڪل هوندو آهي، ڪيئي ماڻهو آهن جيڪي غُربت، محتاجي ۽ تنگدستي کان تنگ اچي ڪري الله پاڪ تي اعتراضات ڪرڻ لڳندا آهن، ڪُفريه جُملا بڪندا آهن ۽ اهڙا به نادان دنيا ۾ آهن جيڪي پيٽ جي باھ وسائڻ يا مال ۽ دولت جي لالچ سبب پاڻ کي ڪافر لکي ڇڏيندا آهن، پاڻ کي ڪافر لکي ڪري بيرونِ مُلڪ (Overseas) جون ويزائون به حاصل ڪيون وينديون آهن. ( اَسْتَغْفِرُ اللہ ! اَسْتَغْفِرُاللہ!)

 الله پاڪ اسان جو ايمان محفوظ فرمائي، اسان کي ايمان جي کَسجڻ جي آفت کان محفوظ رکي. بهرحال! في زمانه جيترو  ممڪن ٿي سگهي محتاجي کان بچڻ ۽ ڪفايت جيترو حلال رِزق ڪمائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ ئي عافيت (Safety) آهي.

شيطان جي خلاف رڪاوٽ

 حضرت سُفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڏا ڪامل ولي، عالِمِ باعمل هئا، سندن آخري وقت آيو ته هڪ ٿيلهي ڪڍيائون، ان ۾ درهم ۽ دينار (يعني چاندي ۽ سون جا سِڪا) هئا، فرمايائون: هن کي راھِ خدا ۾ صدقو ڪري ڇڏيو! ماڻهن عرض ڪيو: سائين! اوهان ته مال کان بچڻ جو درس ڏيندا هئا، اوهان پاڻ مال جمع ڪيو ان ۾ ڪهڙي حڪمت (Wisdom) آهي؟ فرمايائون: مان ان جي ذريعي شيطان جي چالن (Tricks) کي ناڪام بڻائيندو آهيان، جڏهن مون کي وسوسو ڏياريندو آهي ته ڪٿان کائيندي ته مان چوندو آهيان: مون وٽ مال آهي، ان کي خرچ (Spend) ڪري وٺندُس.[1]

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! يقيناً هي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها آهن، انهن جا هي انداز اسان کي سمجهائڻ جي لاءِ ڪافي آهن. الله پاڪ اسان کي سمجھ نصيب فرمائي.


 

 



[1] تذکرۃ الاولیا، صفحہ:144 ملتقطاً۔