Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون کوڙ ساريون ڀلايون نصيب ٿينديون. اچو! ترغيب جي لاءِ مدني قافلي جي هڪ مدني بهار ٻڌو!

روزگار ملي  ويو

   ملتان (پنجاب، پاڪستان) جي رهائشي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته مان ڪافي عرصو روزگار (Employment) جي تلاش ۾ رهيس، مختلف جايِن تي انٽرويو به ڏنا پر ڪو جواب نه آيو. انهيءَ دوران منهنجي ملاقات دعوتِ اسلامي جي هڪ ذميدار اسلامي ڀاءُ سان ٿي، مان انهن جي اخلاص ۽ گفتگو جي انداز سان تمام گهڻو متاثر (Impress) ٿيُس، مون پنهنجي بي روزگاري (Unemployment) جي باري ۾ ٻڌايو، انهن تسلي ڏيندي ديني ماحول جي برڪتن ۽ مدني قافلي جي بهارن جو تذڪرو ڪيو ۽ مون کي به مدني قافلي جي ترغيب ڏياري. ڪجھ ئي ڏينهن کان بعد هڪ ڪمپني ۾ منهنجو انٽرويو هو، مون نيت ڪري ورتي ته انٽرويو کان بعد اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! 3  ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ڪندس. انٽرويو کان بعد مان 3 ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويُس ۽ پنهنجي بي روزگاري جي باري ۾ الله پاڪ کان خوب روئي روئي ڪري پاڻ به دعائون گهريون ۽ مدني قافلي جي مسافر عاشقانِ رسول کان به دعائون ڪرايو. اڃان مدني قافلي جو ٻيو ڏينهن ئي هو ته مون کي خبر ملي اوهان انٽرويو (Interview) ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهيو، مدني قافلي کان واپسي تي ڪجھ ڏينهن بعد ئي مون کي ڪمپني جي طرف کان ليٽر به ملي ويو. ائين الحمد لله! مدني قافلي جي برڪت سان مون کي روزگار ملي ويو.[1]

نوکری چاہئے، آئیے آئیے                               قافلے میں چلیں ، قافلے میں چلو

تنگدستی مٹے دور آفت ہٹے                                لینے کو بَرَکتیں ،قافلے میں چلو[2]


 

 



[1] عجیب الخلقت بچی،صفحہ:13۔

[2] وسائلِ بخشش،صفحہ:672-675۔