Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

ڪو رستو نظر ئي ناهي ايندو، ڪو طريقو ناهي ملندو، اچو! قرآنِ ڪريم جي طرف، قرآنِ ڪريم اسان کي رستو ڏيکاريو آهي، اهو ڪهڙو آهي؟ قرآن چوي ٿو: تقوٰي اختيار ڪيو! الله پاڪ توهان کي اتان کان رِزق عطا فرمائيندو، جتان توهان جو گمان به نه هوندو.

آسمان ۽ زمين جون برڪتون ڪيئن مِلن؟

   تقوٰي جي معنٰي آهي: الله پاڪ کان ڊڄڻ، گناھن کان بچڻ. جيڪڏهن اسان تقوٰي اختيار ڪيون، الله پاڪ کان ڊڄون، گناھَ ڇڏيون، نيڪ ڪمن ۾ لڳل رهون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪرم ئي ٿيندو. الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ لَوۡ اَنَّ  اَہۡلَ الۡقُرٰۤی اٰمَنُوۡا  وَ اتَّقَوۡا لَفَتَحۡنَا عَلَیۡہِمۡ بَرَکٰتٍ مِّنَ السَّمَآءِ وَ الۡاَرۡضِ  (سيپارو: 9، سورة اعراف: آيت: 96)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪڏهن ڳوٺن وارا ايمان آڻن ها ۽ تقوٰي اختيار ڪن ها پوءِ ضرور اسان انهن تي آسمان ۽ زمين مان برڪتون کولي ڇڏيون ها.

 يعني جيڪڏهن ڳوٺن وارا الله پاڪ، ان جي ملائڪَن، ان جي ڪتابَن، ان جي رسولن ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻن ها ۽ خدا ۽ رسول جي اطاعت (Obedience) اختيار ڪن ها، جنهن شيءِ کان الله پاڪ منع فرمايو، ان کان رڪجي وڃن ها ته ضرور اسان انهن تي آسمان ۽ زمين مان برڪتون کوليون ها ۽ هر طرف کان انهن کي ڀلائي پهچي ها، وقت تي فائدي مند بارشون ٿين ها، زمين مان فصل ميوا ڪثرت سان پيدا ٿين ها، رِزق ۾ اضافو ٿئي ها، امن ۽ سلامتي رهي ها ۽ آفتن (Calamities) کان محفوظ رهن ها.[1]

 معلوم ٿيو: تقوٰي جي برڪت سان آسماني برڪتون به ملنديون آهن ۽ زميني


 

 



[1] تفسیر ِصراط الجنان ،پارہ:12،سورۂ  اعراف، زیرِ آیت:96، جلد:3،صفحہ:386۔