Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

قرآنِ ڪريم ۾. هاڻي به جيڪڏهن اسان ان تي اعتماد نه ڪيون. هاڻي به اسان رزق ۾ اضافي جي لاءِ غلط واٽون اختيار ڪيون. جُوا (Gambling) جو سهارو وٺون. مسلمانن کي دوکو ڏيون. ماپ تور ۾ خيانت ڪيون. ناحق سوال ڪرڻ جو دروازو پاڻ تي کوليون. وياج جي ڏيون وٺون ته اسان جهڙو نادان ڪير هوندو. جُوا سان، وياج جي ڏي وٺ سان، مال ڪمائڻ جي لاءِ حرام رستا اختيار ڪرڻ سان مال وڌندو ناهي، جان جو وبال بڻجي ويندو آهي. ان ڪري جيڪڏهن اسان دنيا ۽ آخرت ۾ خوشحال زندگي (Prosperous Life) جا خواهش مند آهيون ته گناھ ڇڏيون، توبھ استغفار ڪيون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ ڪرم فرمائيندو.[1]

هر پريشاني کان نجات جو رستو

 نبين جي تاجور، محبوبِ ربِّ اڪبر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن اِسۡتغفار کي پاڻ تي لازم ڪري ورتو الله پاڪ ان جي هر پريشاني (Hardships)  دور فرمائيندو ۽ هر تنگي کان راحت عطا فرمائيندو ۽ ان کي اهڙي جڳھ تان رِزق عطا فرمائيندو، جتان کيس گمان به نه هوندو.

تمام مسئلن جو هڪ ئي حل

  هڪ ڀيري حضرت حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وٽ هڪ شخص آيو ۽ ان بارش جي گهٽتائي (Shortage) جي شڪايت ڪئي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان کي استغفار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٻيو شخص آيو ۽ ان تنگدستي (Poverty) جي شڪايت ڪئي ته ان کي به اهو ئي حڪم ڏنائون، پوءِ ٽيون شخص آيو ان بي اولادي جي شڪايت ڪئي ته ان کي به ساڳيون ئي حڪ ڏنائون ته اِستغفار ڪيو! پوءِ چوٿون شخص آيو ۽ ان پنهنجي زمين جي پيداوار (Production) گهٽ ٿيڻ جي شڪايت ڪئي


 

 



[1] ابن ماجہ ،کتا ب: الادب ،باب: الاستغفار ،صفحہ:612، حدیث:3819۔