Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

   اهو صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه هليو ويو ۽ ان تي عمل ڪيائون، جڏهن گهر ۾ داخل ٿيندو هو ته گهر وارن کي سلام ڪندو، پوءِ سورة اخلاص شريف پڙهندو هو، ان جي برڪت سان ان تي اهڙو ڪرم ٿيو، الله پاڪ ان کي ايترو ته مال عطا فرمايو جو هو پنهنجي پاڙي وارن (Neighbors) ۽ رشتيدارن (Relatives) جي به خدمت ڪرڻ لڳو.[1]

شافعِ روزِ جَزا تم پہ کروروں درود                    دافعِ جُملہ بَلا تم پہ کروروں درود [2]

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

رِزۡق به هڪ نعمت آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! رزق به الله پاڪ جي ڏنل هڪ نعمت آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

فَاِذَا  قُضِیَتِ الصَّلٰوۃُ  فَانۡتَشِرُوۡا فِی الۡاَرۡضِ وَ ابۡتَغُوۡا مِنۡ فَضۡلِ اللّٰہِ  (سيپارو: 28، سورة جمعه: 10)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ جڏهن نماز پوري ٿي وڃي ته زمين ۾ پکڙجي وڃو ۽ الله جو فضل تلاش ڪريو.

 يعني جڏهن نمازِ (جمعه) پوري ٿي وڃي ته هاڻي توهان جي لاءِ جائز آهي ته معاش جي ڪمن (Livelihood) ۾ مشغول ٿي وڃو.[3] هن آيتِ ڪريمه مان معلوم ٿيو: رِزق به الله پاڪ جو هڪ فضل آهي، ان جي نعمت آهي.

مال جا ديني ۽ دنياوي فائدا

  يقيناً مال جي محبت چڱي ناهي، مال جي محبت ماڻهوءَ کي هلاڪت


 

 



[1] تفسیر قرطبی،پارہ:30،سورۂ اخلاص،زیرِ آیت:1،جلد:10 ،صفحہ:4765 ۔

[2] حدائقِ بخشش ،صفحہ:264۔

[3] تفسیرِ صراط الجنان،پارہ:28 ،سورۂ جمعہ ،زیرِ آیت :10 ،جلد:10 ، صفحہ:157۔