Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

عَلَيهِ السَّلَام وعدو فرمايو ته جيڪڏهن اهي الله پاڪ تي ايمان آڻين ۽ ان جي رسول جي تصديق ڪن ۽ ان جي حُضُور توبھ ۽ اِستغفار ڪن ته الله پاڪ بارش موڪليندو ۽ انهن جي زمينن کي سرسبز ۽ شاداب (Lush Green) ڪري تازي زندگي عطا فرمائيندو ۽ قُوت ۽ اولاد ڏيندو.

حضرت نُوح عَلَيهِ السَّلَام جي قوم کي نصيحت

   اهڙيءَ طرح الله پاڪ جي نبي حضرت نُوح عَلَيهِ السَّلَام پنهنجي قوم کي فرمايو:

اِسۡتَغۡفِرُوۡا رَبَّکُمۡ ؕ       اِنَّہٗ کَانَ غَفَّارًا (ۙ۱۰) یُّرۡسِلِ السَّمَآءَ عَلَیۡکُمۡ  مِّدۡرَارًا (ۙ۱۱) وَّ یُمۡدِدۡکُمۡ  بِاَمۡوَالٍ وَّ بَنِیۡنَ وَ یَجۡعَلۡ لَّکُمۡ  جَنّٰتٍ وَّ یَجۡعَلۡ لَّکُمۡ  اَنۡہٰرًا (ؕ۱۲)  (سيپارو: 29، سورة نوح: آيت: 10_11_12)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ مون چيو: (اي انسانو!) پنهنجي رب کان معافي گهرو بيشڪ اهو وڏو معاف فرمائڻ وارو آهي اهو توهان تي زوردار مينهن وسائيندو ۽ مالن ۽ پٽن سان توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جي لاءِ باغ بڻائي ڇڏيندو ۽ توهان جي لاءِ نهرون بڻائي ڇڏيندو.

 پيارا اسلامي ڀائرو! هي 3 انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جا ارشاد  آهن جيڪي الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ذڪر فرمايا.  پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي حڪم ٿيو ته اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ماڻهن کي چئو! اِسۡتغفار ڪن، توبھ ڪن، ان جي برڪت سان الله پاڪ رِزق ۾ وُسعت عطا فرمائيندو. حضرت هود عَلَيهِ السَّلَام پنهنجي قوم کي فرمايو: اِسۡتِغفار ڪيو! الله پاڪ قحط سالي دور فرمائيندو، رِزق ۾ وُسعت ((Expansion عطا فرمائيندو. اهڙيءَ طرح حضرت نوح عَلَيهِ السَّلَام به پنهنجي قوم کي اهوئي فرمايو: اِستغفار ڪيو! الله پاڪ قحط سالي دور فرمائيندو ۽ توهان کي رِزق، مال، اولاد عطا فرمائيندو.

  هي 3 شاهديون آهن، ڪنهن جون؟ انبياءِ ڪرام عَلَيهِ السَّلَام جون. ڪٿي بيان ٿيون؟